bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Amos 3
Amos 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 4 →
1
سو اي اسرائيل وارؤ! خداوند جو هي فرمان ٻڌو، جنهن اوهان يعني سڄي بني اسرائيل قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو هو، سو فرمائي ٿو تہ
2
”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“
3
ڀلا ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ گڏيل بندوبست کان سواءِ گڏ سفر تي نڪري سگھندا ڇا؟
4
ببر شينهن کي ٻيلي ۾ جيستائين ڪو شڪار نہ ملي، تڏهن بہ هو گجندو ڇا؟ يا جوان شينهن جيستائين ڪجھہ نہ پڪڙيو هجي، تہ بہ هو پنهنجي غار مان گرڪندو ڇا؟
5
جيڪڏهن ڪا ڪوڙڪي ئي نہ اڏي ويئي هجي، تہ ڪو پکي زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا؟ جڏهن ڪوڙڪيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاسندي ئي نہ، تہ اها ڪا مٿي اڇل کائيندي ڇا؟
6
ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟
7
بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري، جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.
8
ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟
9
خداوند ٿو فرمائي تہ ”فلستين جي اشدود شهر جي محلاتن ۾ بلڪ مصر ملڪ جي محلاتن ۾ اهو اعلان ڪيو وڃي تہ ’اوهين اسرائيل ملڪ جي سامريہ شهر جي چوڌاري جبلن تي گڏ ٿيو. هائو، اچي ڏسو تہ سامريہ اندر ڪيڏا نہ هنگاما ۽ ظلم آهن.‘
10
انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن، بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا.
11
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ملڪ کي هڪڙو دشمن گھيري هيٺ آڻيندو، ۽ شهرن جا ڪوٽ ڪيرائي وجھندو ۽ محلات لٽيا ويندا.“
12
خداوند وڌيڪ ٿو فرمائي تہ ”جيئن ڪو ڌنار شينهن جي وات مان کاڌل رڍ جا رڳو ٻہ پاوا يا هڪ ڪن جو ٽڪرو ٿو ڇڏائي وٺي، تيئن سامريہ ۾ رهندڙ بني اسرائيل مان ايترا تہ وڃي بچندا، جيئن پلنگ جي رڳو ٻانهين يا کٽ جو ڪو پائو وڃي بچي.
13
هائو، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا چوان ٿو تہ اوهين ٻڌو ۽ يعقوب جي اولاد کي چتاءُ ڏيو.
14
جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل وارن کي سندن گناهن جي سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيتايل جي قربانگاهن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏيندس. هائو، قربانگاهن جي ڪنارن وارا سڱ ڀڄي پوندا ۽ زمين تي وڃي ڪرندا.
15
آءٌ سياري توڙي اونهاري وارا گھر برباد ڪري ڇڏيندس. عاج سان سينگاريل گھر چٽ ٿي ويندا، ۽ ٻيا بہ گھڻا ئي گھر ناس ٿي ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9