bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Amos 2
Amos 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 3 →
1
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ” موآب ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ادوم جي بادشاهہ جا بہ هڏا ساڙي چونو بڻائي ڇڏيا آهن.
2
تنهنڪري آءٌ موآب ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا قريوت جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. اهڙيءَ طرح موآب وارا جنگ جي للڪار، نفيلن جي آواز، ۽ گوڙ گھمسان سان ختم ٿي ويندا.
3
موآب جي حڪمران کي بہ سندس سڀني عملدارن سميت آءٌ قتل ڪرائي ڇڏيندس.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.
4
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون. انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.
5
تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“
6
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ” اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي، تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض، بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.
7
اهي مسڪينن کي انصاف نہ ٿا ڏين، بلڪ سندن مٿا ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ پيا لتاڙين. منجھن پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ساڳيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃي منهنجي پاڪ نالي جي بيادبي پيا ڪن.
8
اهي هر قربانگاهہ وٽ گروي رکيل ڪپڙن مٿان ليٽي ٿا پون، ۽ منهنجي هيڪل ۾ غريبن کان ڏنڊ طور وصول ڪيل مئي پيئن ٿا.
9
اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہبلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.
11
مون اوهان مان ڪي نبي ۽ ڪي ناذيري بڻايم. پوءِ اي اسرائيل وارؤ! مون کي ٻڌايو تہ ڇا اهو سچ ناهي؟
12
پر اوهان ناذيرين کي مئي پيئاريو، ۽ نبين کي منهنجي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪئي.
13
ڏسو، آءٌ اوهان کي ائين چيڀاٽي ڇڏيندس، جيئن اناج سان ڀريل ڪا گاڏي ڪنهن کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي.
14
تڏهن تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زورآور پنهنجو زور لڳائي نہ سگھندو، نڪي ڪو جوڌو ئي پاڻ کي بچائي سگھندو.
15
ڪوبہ تيرانداز بيهي نہ سگھندو، نڪي ڪو پيرن جو تکو، يا وري ڪو گھوڙي سوار ئي پاڻ کي بچائي سگھندو.
16
بهادرن ۾ بهادر بہ انهيءَ ڏينهن تي هٿيار ڦٽا ڪري ڀڄي نڪرندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9