bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Amos 9
Amos 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
1
پوءِ مون پروردگار کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادتگاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.
2
جيڪڏهن هو هيٺ پاتال ۾ بہ لهي ويندا تڏهن بہ منهنجو هٿ کين اتان ڪڍي وٺندو. جيڪڏهن هو مٿي آسمان تي بہ چڙهي ويندا تڏهن بہ آءٌ کين اتان هيٺ لاهي آڻيندس.
3
جيڪڏهن هو پاڻ کي ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان کين ڳولي ڪڍندس. جيڪڏهن هو سمنڊ جي تري ۾ بہ وڃي پاڻ کي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان جي سامونڊيءَ بلا کي حڪم ڏيندس تہ هوءَ کين ڏنگي وجھي.
4
جيڪڏهن سندن دشمن کين جلاوطن ڪري وٺي وڃن، تڏهن بہ اُتي آءٌ کين قتل ڪرائي ڇڏيندس. مون انهن جي مدد ڪرڻ جو نہ، بلڪ کين برباد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.“
5
خداوند ئي قادرِمطلق خدا آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان ڌرتي پگھرجي پاڻي ٿي وڃي ٿي، ۽ سڀني ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي وڃي ٿو. ڌرتي نيل نديءَ وانگر اُٿل کائي مٿي چڙهي ٿي، ۽ پوءِ وري هيٺ لهي اچي ٿي.
6
اهو ئي آهي جنهن جو محلات عرش عظيم ۾ آهي. هن ئي ڌرتيءَ جي مٿان آسمان کي گنبذ بڻايو آهي. هو ئي سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو. انهيءَ جو نالو خداوند ئي آهي.
7
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! اوهين سوڊانين کي ڪمذات سمجھو ٿا، پر منهنجي نظر ۾ اوهين ڪو انهن کان مٿي آهيو ڇا؟ جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، تيئن ئي مون فلستين کي ڪريت مان، ۽ ارامين کي قير مان نہ ڪڍي آندو آهي ڇا؟
8
ڏسو، مون خداوند خدا جون اکيون اوهان جي گنهگار بادشاهت تي آهن. آءٌ انهيءَ کي روءِزمين تان مِٽائي ڇڏيندس. انهيءَ هوندي بہ آءٌ يعقوب جي اولاد کي بلڪل ئي نابود نہ ڪندس.
9
آءٌ اسرائيل ملڪ وارن کي سيکت واري ڇاڻيءَ مان ڇاڻي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس. پوءِ ڪو هڪڙو بہ بدڪار بچي نہ سگھندو.
10
منهنجي قوم جا گنهگار جيڪي ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’ڪابہ آفت اسان تائين نہ پهچندي، ۽ نہ اسان کي ڪو نقصان رسائيندي،‘ سي سڀيئي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا.“
11
خداوند ٿو فرمائي تہ ”هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن آءٌ دائود جي بادشاهت جيڪا هڪ ڪري پيل تنبوءَ مثل آهي، تنهن کي وري کڙو ڪندس، انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ ڳري ويل هنڌن جي مرمت ڪندس. آءٌ انهيءَ کي وري اهڙو ئي بڻائيندس جهڙو اڳ ٺهيل هو.
12
انهيءَ لاءِ تہ اڳ جيان بني اسرائيل ادوم جي باقي بچي ويلن کي بلڪ انهن قومن کي جيڪي منهنجي نالي سان سڏيا ويندا هئا، تن سڀني کي وري پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آڻين. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس.
13
ڏسو، اُهي ڏينهن اچي رهيا آهن، جڏهن هَرُ ڪاهڻ وارو ٻج ڇٽي اڃا پورو ئي نہ ڪندو تہ فصل هڪدم لاباري لاءِ تيار ٿي ويندو. انگورن کي پيڙڻ وارو اڃا اهي پيڙيندو ئي هوندو تہ ٻيا جھجھا انگور راس ٿي پيڙجڻ لاءِ تيار هوندا. ايتري تہ برڪت اچي پوندي جو ڄڻ تہ جبلن تان مٺي مئي پئي ٽمي ۽ سڀني ٽڪرين تان اها وهندي نظر ايندي.
14
آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا. هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا. اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا.
15
مطلب تہ آءٌ انهن کي وري سندن ملڪ ۾ آباد ڪندس، ۽ جيڪو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان هو اڳتي ڪڏهن بہ ڪڍيا نہ ويندا.“ خداوند اسان جي خدا جو اهو ئي فرمان آهي.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9