bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Amos 4
Amos 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 5 →
1
ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.
2
خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي تہ اوهان تي اُهي ڏينهن ضرور ايندا، جڏهن اوهان کي ڪُنڍا وجھي گهليو ويندو. هائو، اوهان مان هر هڪ ڪنڍين ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر پئي ڦٿڪندي.
3
اوهان مان هر ڪا ڪوٽ جي سامهون واري ڏرڙ منجھان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ويندي، ۽ اوهان کي حرمون جبل ڏانهن هڪاليو ويندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.
4
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! ڀلي تہ اوهين بيتايل ۽ جِلجال جي عبادتگاهن ۾ وڃي گناهہ ڪندا رهو، ڀلي تہ اتي هر صبح جو قربانيون کڻي وڃي پيش ڪندا رهو، ۽ هر ٽئين ڏينهن تي اوڏانهن پنهنجي پيداوار جا ڏهان حصا کڻي ويندا رهو.
5
ڀلي تہ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني روٽ سان باهہ تي ادا ڪندا رهو. ڀلي تہ خوشيءَ جي قربانين ڪرڻ جون ٻٽاڪون هڻندا رهو. اي اسرائيل وارؤ! ائين آءٌ خداوند خدا انهيءَ ڪري چوان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي پسند آهن.
6
پر آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ مون اوهان جي سڀني شهرن ۾ ڏڪار آندو، تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا.
7
جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.
8
ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو اڃ کان بيحال ٿي پاڻيءَ واسطي شهر شهر ڀٽڪندا رهيا، پر پيئي ڪري ڪڏهن بہ ڍءُ نہ ڪيائون. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا.
9
مون ڪيترائي دفعا اوهان جي فصلن کي سينوَر ۽ رتيءَ جي بيمارين سان سَٽيو. اوهان جا گھڻا ئي باغ، مثال طور انگورن، انجيرن ۽ زيتونن جا باغ، ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيا. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا.
10
مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا.
11
مون اوهان مان ڪن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن اڳي سدوم ۽ عموراہ شهرن سان ڪيو هئم، ۽ اوهين انهيءَ اُماڙيءَ وانگر آهيو، جيڪا ٻرندڙ باهہ منجھان ڇڪي ڪڍي وڃي. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
12
تنهنڪري اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ سزا ڏيندس. سو اوهين منهنجي فيصلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو.
13
ياد رکو! جيڪو جبلن جو جوڙيندڙ ۽ واءُ کي گھلائيندڙ آهي، جيڪو انسانن کي پنهنجي ارادي کان خبردار ڪري ٿو، جيڪو صبح جي سوجھري کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٿو ڦيرائي، جنهن جي پيرن هيٺان سڄي ڌرتي آهي، انهيءَ جو ئي نالو خداوند قادرِمطلق خدا آهي.“
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9