bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Amos 6
Amos 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 7 →
1
ويل آهي اوهان لاءِ، اي صيئون وارؤ! بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ، اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ! هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو، ۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.
2
اوهين مغروريءَ سان چئو ٿا تہ ”ڪلنہ شهر تائين وڃي ڏسو، ۽ اتان وري وڏي شهر حمات ڏانهن وڃو. پوءِ فلستيہ ۾ جات شهر ڏانهن لهي وڃو، ۽ ڏسو تہ اُهي اسان جي بادشاهت کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اسان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟“
3
ائين چوڻ سان اوهين مصيبت جي ڏينهن کي نظرانداز ڪري ظالم جي حڪمراني قائم ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجو.
4
اوهين عاج جي پلنگن تي ليٽندي بلڪ پنهنجن طول وِهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي ڌڻن مان پسند جي گھيٽن ۽ ٿلهن متارن گابن جو گوشت کائو ٿا.
5
اوهين سارنگيءَ جي سُر تي اجايو سجايو ڳايو ٿا، ۽ دائود وانگر ڳائڻ وڄائڻ جي سازن تي پنهنجي لاءِ گيت ٺاهيو ٿا.
6
اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.
7
تنهنڪري هاڻي جلاوطن ٿيندڙن ۾ پهريان اوهين هوندا. اهڙيءَ طرح اوهان جا عيش آرام ختم ٿي ويندا.
8
خداوند قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند خدا پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اسرائيل وارن جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ سندن محلاتن کان نفرت ٿو ڪريان. تنهنڪري آءٌ سندن گاديءَ وارو شهر، ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“
9
بلڪ ٿيندو ائين جو جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ ڏهہ ماڻهو بہ انهيءَ مصيبت مان باقي بچي ويا هوندا تہ اُهي بہ مري ويندا.
10
جڏهن مئل ماڻهوءَ جا ڪي مائٽ سندس لاش گھر مان کڻڻ لاءِ ايندا، تڏهن جيڪو گھر جي اندرين حصي ۾ مرڻ کان بچي ويل هوندو، تنهن کان پڇندا تہ ”ڪو ٻيو بہ تو سان گڏ آهي ڇا؟“ جڏهن ورندي ملندن تہ ”نہ،“ تڏهن کيس چوندا تہ ”خاموش رهجانءِ. خداوند جو نالو بہ نہ وٺجانءِ متان مصيبت وري موٽي اچي.“
11
ڏسو، جڏهن خداوند حڪم ڏيندو تڏهن وڏن وڏن گھرن ۾ ڦاٽ ۽ ننڍن گھرن ۾ ڏار پئجي ويندا، اهڙيءَ طرح اهي سڀيئي برباد ڪيا ويندا.
12
اي اسرائيل وارؤ! ڀلا، ٽڪرن تي ڪو گھوڙا ڊوڙائي سگھي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڍڳن سان سمنڊ تي هرُ ڪاهي سگھي ٿو ڇا؟ پر اوهان انصاف جهڙي مٺي شيءِ کي ڦيرائي زهر ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ سچائيءَ جي ميوي کي ڦيرائي ٽُوهہ ڪري ڇڏيو اٿوَ.
13
اوهين لودبار شهر هٿ ڪرڻ تي بہ فخر ٿا ڪريو، ۽ ٻٽاڪ هڻندي چئو ٿا تہ ”اسان پنهنجي طاقت سان ڪرنائيم شهر هٿ نہ ڪيو آهي ڇا؟“
14
تنهنڪري خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! ڏسو، آءٌ اوهان جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي قوم چاڙهي آڻيندس، جيڪا اتر ۾ حمات جي لنگھہ کان وٺي ڏکڻ ۾ بيابان واري برساتي نهر تائين اوهان کي آزاريندي رهندي.“
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9