bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Amos 8
Amos 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 9 →
1
ساڳيءَ طرح خداوند خدا مون کي هڪڙي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ڏٺي.
2
خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ” اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“
3
”ان ڏينهن محلاتن ۾ ڳائڻ واريون عورتون روئنديون رڙنديون، هر هنڌ لاشن جا ڍير لڳي ويندا جيڪي ٻاهر اڇلايا ويندا. پوءِ هر هنڌ بلڪل خاموشي ڇانئجي ويندي.“
4
اي اوهين! جيڪي محتاجن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ملڪ جي غريبن کي ناس ٿا ڪريو، سي ٻڌو.
5
اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“
6
اوهين چاهيو ٿا تہ ”ڪڻڪ کي گندگار سميت وڪڻون، ۽ غريب کي چانديءَ جي چند سڪن تي، ۽ مسڪين کي جتيءَ جي جوڙي تي خريد ڪريون.“
7
سو خداوند ، بني اسرائيل جو خدا قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ سندن بدڪارين مان ڪا هڪڙي بہ ڪين وساريندس.
8
پوءِ انهيءَ سبب زمين نہ ڏڪندي ڇا؟ ۽ انهيءَ تي رهندڙ سڀيئي ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، اها زمين مصر جي نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر هيٺ مٿي ٿيندي.
9
آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو جو آءٌ سج کي منجھند جو ئي لاهي ڇڏيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.
10
آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.
11
آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ڏس، اهو وقت اچي رهيو آهي، جڏهن آءٌ هن ملڪ ۾ اهڙو ڏڪار آڻيندس، جيڪو مانيءَ يا پاڻيءَ جو نہ، پر مون خداوند جي فرمان ٻڌڻ جو ڏڪار هوندو.
12
تڏهن اهي کاري سمنڊ کان ڀونوچ سمنڊ تائين، بلڪ اتر کان ڏکڻ تائين، مون خداوند جي فرمان جي ڳولا ۾ هيڏي هوڏي ڊوڙندا وتندا پر کانئن ڪين لڀندو.
13
انهيءَ ڏينهن حسين ڇوڪريون توڙي نوجوان ڇوڪرا خداوند جي فرمان جي اڃ جي ڪري ماندا ٿيندا.
14
ان کان علاوہ اُهي جيڪي سامريہ جي ڪراهت جهڙن بتن جو قسم کڻي چون ٿا تہ ’اي دان شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ يا وري ’اي بيرسبع شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ سي سڀيئي ڪري پوندا ۽ وري ڪڏهن نہ اٿندا.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9