bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ecclesiastes 1
Ecclesiastes 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 2 →
1
هي ڳالهيون دائود جي پٽ جون چيل آهن، جيڪو يروشلم جو بادشاهہ هو ۽ وڏو داناءُ هو.
2
هو دانائيءَ واريون ڳالهيون ڪندي چوي ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.
3
انسان هن دنيا ۾ ڏاڍي محنت مشقت ٿو ڪري، پر جيڪي ڪجھہ هو حاصل ڪري ٿو، ڇا اهو اطمينان جوڳو آهي؟
4
هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي، پر دنيا هميشہ ساڳيءَ ئي طرح قائم رهندي پيئي اچي.
5
سج اڀري ٿو ۽ وري لهي ٿو وڃي. پوءِ اهو وري پنهنجي انهيءَ جاءِ ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڃي ٿو، جتان اهو اڀرندو رهندو آهي.
6
هوا ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿي، ۽ چڪر ڏيئي وري اتر ڏانهن ڦري ٿي، ۽ پوءِ موٽي اتي اچي ٿي جتان شروع ٿي. هائو، هوا سدائين چڪر هڻندي ٿي رهي.
7
سڀيئي نديون سمنڊ ۾ وهنديون رهن ٿيون، انهيءَ هوندي بہ سمنڊ ڀرجي ئي نہ ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو پاڻي موٽي وري ندين جي شروعات واري جاءِ تي پهچي ٿو، جتان اهو ٻيهر وهي ٿو هلي.
8
سڀ شيون لڳاتار ساڳيو ئي ڪم ڪنديون رهنديون آهن. انسان ڳالهائڻ سان انهن بابت سمجھاڻي نہ ٿو ڏيئي سگھي، ۽ ڏسڻ سان هو انهن جو مطلب نہ ٿو سمجھي سگھي، نڪي ٻڌڻ سان مطمئن ٿي ٿو سگھي.
9
جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، سو اڳ بہ ٿي چڪو آهي. جيڪي ڪجھہ ڪيو پيو وڃي، سو اڳ بہ ڪيو ويو آهي. هن سڄيءَ دنيا ۾ ڪابہ شيءِ نئين ڪانهي.
10
شايد ڪو ائين چوي تہ ”ڏسو هيءَ شيءِ نئين آهي.“ پر نہ، اهو سڀ تہ اڳئين زماني ۾، اسان جي پيدا ٿيڻ کان بہ اڳ ۾ ٿي چڪو آهي.
11
جيڪي گذري چڪا آهن، تن جي يادگيري نہ ٿي رهي، نڪي ڪنهن ايندڙ وقت ۾ انهن جي يادگيري رهندي جيڪي اسان کان پوءِ پيدا ٿيندا.
12
مون اهي دانائيءَ واريون ڳالهيون يروشلم شهر ۾ بني اسرائيل جي بادشاهہ طور رهندي چيون آهن.
13
منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ هن ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، تنهن بابت پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي جاچجوچ ڪريان ۽ سمجھان. مون کي اهو سمجھہ ۾ آيو تہ خدا بني آدم لاءِ سدائين ڏکن ڀريل زندگي لکي ڇڏي آهي.
14
مون انهن سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو، جيڪي ڌرتيءَ تي ڪيا ٿا وڃن، پر ڇا ڏسان تہ اهو سڀ ڪجھہ راز ئي راز آهي، ۽ انهيءَ راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
15
هن دنيا ۾ جيڪو ڏنگو آهي، تنهن کي اسين سڌو نہ ٿا ڪري سگھون. بلڪ جيڪي موجود ئي ناهي، تنهن جو شمار ڪرڻ اسان جي وس ۾ ناهي.
16
مون پنهنجيءَ دل ۾ سوچيو تہ ”ڏس، يروشلم ۾ جيڪي مون کان اڳ حڪمران ٿي گذريا آهن، تن سڀني کان وڌيڪ ڏاهپ مون حاصل ڪئي آهي. هائو، عقل ۽ ڄاڻ جو مون وڏو مطالعو ڪيو آهي.“
17
تنهن هوندي بہ جڏهن مون علم ۽ جهالت، ۽ ڏاهپ ۽ چريائپ ۾ فرق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن جلد ئي مون کي معلوم ٿي ويو تہ اهو بہ هڪ راز آهي، جنهن کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
18
انهيءَ سبب جو جيتري وڌيڪ ڏاهپ، اوترا ئي وڌيڪ ڏک ڏسڻا پون ٿا. هائو، جنهن کي وڌيڪ ڄاڻ هوندي، تنهن کي ڏک بہ وڌيڪ ملندا.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12