bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ecclesiastes 6
Ecclesiastes 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 7 →
1
مون هن دنيا ۾ هڪڙي ٻي خرابي ڏٺي آهي، جيڪا اڪثر انسانن لاءِ هڪڙو ٻوجھہ آهي.
2
اها هيءَ آهي تہ ڪن ماڻهن کي خدا مال، دولت ۽ عزت عطا ڪئي آهي، ايتري قدر جو وٽن اهڙي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانهي جيڪا سندن دل گھري. انهيءَ هوندي بہ خدا کين اها توفيق نہ ٿو ڏئي تہ هو انهيءَ مان مزو ماڻين، بلڪ ڪي ٻيا ماڻهو انهيءَ مان کائي پئي عيش ٿا ڪن. اها بہ هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهہ آهي جيڪا سمجھہ کان مٿاهين آهي.
3
مثال طور ڪو ماڻهو وڏيءَ ڄمار تائين جيئرو رهي ۽ کيس سؤ ٻار کڻي ڄمن. پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ ڊگھي حياتيءَ ۾ بہ خوشين کان محروم رهي ۽ مرڻ بعد کيس اها عزت نہ ملي جو دفن ڪيو وڃي، تڏهن آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کان تہ مئل ڄاول ٻار وڌيڪ بهتر آهي.
4
انهيءَ ٻار جو ڄمڻ ۽ موت بہ هڪ ڳجھارت آهي جيڪا سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي. کيس ڪو نالو ئي نہ ڏنو ويو ۽ اهو هڪ اونداهيءَ مان نڪري ٻي اونداهيءَ ۾ ويو.
5
بيشڪ هو زندگيءَ جي تجربن مان نہ ٿو گذري، نڪي هو زندگيءَ بابت ڪجھہ ڄاڻي ٿو، تنهن هوندي بہ هن جي حالت ڪنهن دولتمند جي زندگيءَ کان وڌيڪ آرام واري آهي.
6
دولتمند ماڻهو ڀلي تہ ٻن هزار سالن تائين جيئرو رهي تنهن هوندي بہ زندگيءَ جا مزا نہ ماڻي، تہ پوءِ اهڙي ڊگھي حياتيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ آخرڪار سڀيئي تہ وڃي قبر ۾ ٿا پون.
7
جيتوڻيڪ انسان سڄي محنت پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿو ڪري، تنهن هوندي بہ انهيءَ جو پيٽ نہ ٿو ڀرجي.
8
اهڙيءَ حالت ۾ عقلمند ماڻهو بيوقوف کان ڪهڙي ڳالهہ ۾ وڌيڪ آهي؟ يا اهو غريب ماڻهو جيڪو زندگي گذارڻ ڄاڻي ٿو تنهن کي ڪهڙو فائدو حاصل ٿئي ٿو؟
9
هڪ چوڻي آهي تہ ”جيڪو هٿ ۾ موجود آهي، سو ڪنهن وڌيڪ شيءِ جي تمنا ڪرڻ کان بهتر آهي.“ پيٽ کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان اطمينان نہ ٿو ملي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
10
دنيا جو ڪاروهنوار گھڻو اڳ ئي مقرر ٿيل آهي. انسان ۾ اهڙي طاقت نہ آهي جو هو ان ۾ ڪابہ ردوبدل ڪري سگھي، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ سان مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي جيڪو کانئس وڌيڪ زورآور آهي.
11
جيترو انسان گھڻو ڳالهائيندو اوترو وڌيڪ منجھي پوندو ۽ انهيءَ مان کيس ڪوبہ فائدو ڪونہ ملندو.
12
بيشڪ زندگيءَ جي معنيٰ سمجھہ کان مٿاهين آهي، اها پاڇي وانگر جلدي وهامي وڃي ٿي. ڪير ٿو ڄاڻي تہ سندس لاءِ ڪهڙي ڳالهہ چڱي آهي يا ڪهڙي خراب؟ ڪنهن کي خبر آهي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12