bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ecclesiastes 11
Ecclesiastes 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 12 →
1
ڀلي تہ اوهين پنهنجي دولت پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو، تہ بہ ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن اها اوهان کي واپس ملي سگھي ٿي.
2
پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي دولت جي حفاظت لاءِ ان کي ڪيترن ئي هنڌن تي لڪائي ڇڏيو، تہ بہ اوهين نٿا ڄاڻو تہ ملڪ تي ڪهڙي وقت اچي ڪا آفت ڪڙڪندي ۽ سڀ ڪجھہ برباد ڪري ڇڏيندي.
3
جڏهن قدرتي طور ڪڪر پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا آهن تہ اچي ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندا آهن. وڻ توڙي جو قدرتي طور ڪهڙي بہ طرف ڪري، تہ بہ اهو پنهنجي ڪرڻ واريءَ جاءِ تي ئي پيو ٿو رهي.
4
جيڪو ماڻهو هوا ۽ موسم جي صحيح وقت جو انتظار ڪندو رهي ٿو، سو بہ ڪڏهن ڪڏهن نڪي ڪجھہ پوکي سگھي ٿو، ۽ نہ وري ڪجھہ لڻي سگھي ٿو.
5
جڏهن تہ ڪو ماڻهو اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ ڄمڻ کان اڳ ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ڪيئن ٿو ساهہ کڻي، تڏهن هر شيءِ جي خلقيندڙ خدا جي ڪمن کي ڪو ڪيئن ٿو سمجھي سگھي!
6
صبح توڙي شام پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج پوکيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي ڪهڙي خبر تہ انهن مان ڪهڙو داڻو ڦٽي نڪرندو، ڪجھہ داڻا يا سمورو ٻج ڦٽي نڪرندو.
7
بيشڪ هن دنيا ۾ زندگي گذارڻ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ آهي. هائو، سج جي روشنيءَ ۾ رهڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي.
8
سو جيترن سالن تائين اوهين جيئرا رهو تہ خوشيون ملهائيندا رهو. پر ياد ڪجو تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن موت جي اونداهي بہ اچڻي آهي جيڪا هن دنيا ۾ رهڻ جي مقابلي ۾ ڊگھي عرصي تائين هلندي. اهو سڀ ڪجھہ جيڪو مستقبل ۾ آهي سو بہ هڪ راز آهي.
9
اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.
10
نوجوانيءَ توڙي ڦوهہ جوانيءَ ۾ ڏک ۽ پريشانيون اچي سگھن ٿيون. تن جي ڪري اوهين منجھي نہ پئو، ڇاڪاڻ تہ زندگيءَ جو راز سمجھہ کان مٿاهون آهي.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12