bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ecclesiastes 12
Ecclesiastes 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
1
انهيءَ کان اڳ جو اوهان تي ڏکيو وقت اچي پوي ۽ موت جا ڏينهن ويجھا اچي وڃن، اوهين جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي خالق کي ياد ڪندا رهو. پوءِ اوهين ائين نہ چوندا تہ ”هاڻي اسان لاءِ ڪابہ خوشي نہ رهي آهي.“
2
انهن ڏينهن ۾ اوهان لاءِ سج جي روشني ويندي رهندي ۽ چنڊ تارا اونداها ٿي ويندا ۽ اونداها ڪڪر اوهان مٿان بار بار لنگھندا.
3
انهن ڏينهن ۾ اوهان جا محافظ بازو ڏڪڻ لڳندا ۽ اوهان جون ٽنگون جيڪي هينئر مضبوط آهن، سي ٿڙڪڻ لڳنديون. اوهان جا ڏند ٿورا وڃي بچندا ۽ کاڌو چٻاڙي نہ سگھندا. اوهان جي اکين جي نظر ويندي رهندي.
4
اوهان جو آواز بلڪل جھيڻو ٿي ويندو ۽ اوهان جا ڪن اهڙا ٻوڙا ٿي پوندا جو اوهين گيت بہ ٻڌي ڪين سگھندا، جڏهن تہ پکين جو هلڪو آواز بہ اوهان جي ننڊ ڦٽائي وجھندو.
5
اوهين مٿاهين تي چڙهڻ کان ڊڄندا ۽ عام رستن تي هلڻ کان بہ خوف کائيندا. اوهان جا وار ڦري اڇا ٿي پوندا، جيئن بادامين جو ٻور هوندو آهي. اوهين پوڙهيءَ تڏ وانگر پاڻ کي گهليندا وتندا ۽ اوهان کي ڪابہ خواهش نہ رهندي. بيشڪ اسان مان هر ڪو پنهنجي ابدي گھر ڏانهن هليو ويندو ۽ پوءِ اوهان تي روئڻ پٽڻ وارا گھٽين ۾ پيا ايندا ويندا.
6
هائو، چانديءَ جي ڏور ٽٽي پوندي تہ سون جو ڏيئو ڪري ڀڄي پوندو. کوهہ جي چرخي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪرندي تہ پاڻي ڪڍڻ وارو ڏول ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو.
7
اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.
8
سو آءٌ دانائيءَ واري ڳالهہ ڪندي چوان ٿو تہ راز آهي، راز آهي، زندگي هڪ راز آهي، ۽ اها انساني سمجھہ کان مٿاهين آهي.
9
جيئن تہ اهي دانائيءَ واريون ڳالهيون چوندڙ هڪ وڏو ڏاهو ماڻهو هو، تنهنڪري هن پنهنجي قوم کي وڏي ڄاڻ ڏني. هائو، هن پوريءَ طرح گھڻين ئي ڳالهين تي غور ويچار ڪيو ۽ سڄي حقيقت معلوم ڪري گھڻيون ئي نصيحتون ترتيب وار بيان ڪيون.
10
انهيءَ ڏاهي انهن ڳالهين کي سٺي انداز ۽ بلڪل درست نموني ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
11
ڏاهپ جون ڳالهيون ريڍار جي انهيءَ لٺ مثل آهن، جنهن سان هو رڍن کي هڪلي ٿو. هائو، اهي گڏ ڪيل نصيحتون سُوئي وانگر چڀندڙ آهن. اهي سڀ نصيحتون انهيءَ جي طرفان عطا ڪيل آهن، جيڪو اسان سڀني جو ڌنار آهي.
12
اي منهنجا ٻارؤ! هڪ ٻي بہ ڳالهہ آهي جنهن بابت آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان. اها هيءَ آهي تہ نصيحتن کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم بيانتها آهي. سو جيڪڏهن ڏاهپ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا تہ اوهين پڙهندي پڙهندي ٿڪجي پوندا.
13
جيڪي نصيحتون ٻڌايون ويون آهن تن جو حاصل مطلب هي آهي تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس حڪمن تي عمل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هر انسان جو اهو ئي فرض آهي.
14
بيشڪ خدا اسان جو هر ڪيل ڪم پنهنجيءَ عدالت ۾ آڻيندو ۽ انهيءَ موجب اسان کي بدلو ڏيندو، پوءِ اهو چڱو ڪم هجي يا برو، توڙي جو اهو ڳجھيءَ طرح ڪيو ويو هجي.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12