bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ecclesiastes 9
Ecclesiastes 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 10 →
1
انهن سڀني ڳالهين بابت مون گھڻو سوچ ويچار ڪيو. تڏهن مون کي سمجھہ ۾ آيو تہ سڀيئي ڪم خدا جي مرضيءَ سان ٿين ٿا. توڙي جو ڏاها هجن يا نيڪوڪار کين خبر ئي ڪانهي تہ انهن ڪمن جو نتيجو ڇا نڪرندو. ايتري قدر جو انسان پنهنجي بُري يا ڀلي جو نتيجو بہ نہ ٿو ڄاڻي، جيتوڻيڪ سڀ ڪجھہ سندس اڳيان ٿي رهيو هجي.
2
بلڪ سڀني انسانن جي آخرڪار هڪجهڙي پڄاڻي ٿئي ٿي، پوءِ اهي سچار هجن توڙي بڇڙا، نيڪوڪار هجن توڙي بدڪار، پاڪ هجن توڙي ناپاڪ، قربانيون پيش ڪندڙ هجن توڙي قربانيون پيش نہ ڪندڙ، نيڪ هجن توڙي گنهگار ۽ قسم کڻڻ وارا هجن توڙي قسم کڻڻ کان ڊڄڻ وارا.
3
هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.
4
جيئن چوڻي آهي تہ ”جيئرو ڪتو مئل شينهن کان بهتر آهي،“ سو ساڳيءَ طرح جيستائين انسان هن دنيا ۾ زندهہ رهي ٿو تيستائين هن کي اهو آسرو آهي تہ
5
”اسين سڀيئي مرنداسين،“ جڏهن تہ مئل انسان کي ڪوبہ آسرو ڪونہ آهي، بلڪ هن دنيا مان هليو وڃڻ کان پوءِ انهن کي ايترو بہ اجر ڪونہ ٿو ملي جو کين ياد ڪيو وڃي.
6
انهن جي مرڻ سان گڏ سندن محبت، نفرت توڙي غيرت جو احساس بہ بلڪل ختم ٿيو وڃي. اهي هن دنيا ۾ ٿيندڙ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ وري حصو وٺي نہ ٿا سگھن.
7
تنهنڪري خوش رهو ۽ کائڻ پيئڻ مان مزا ماڻيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا اڳي ئي اوهان جي انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي آهي.
8
ڀلي تہ اوهان جا ڪپڙا هميشہ اڇا اُجرا هجن ۽ وارن کي تيل ڦڻي ڏنل هجي، جيئن اوهين ٺاهوڪا ڏسڻ ۾ اچو.
9
جيڪا عورت خدا اوهان کي عطا ڪئي آهي جنهن سان اوهان کي محبت آهي، تنهن سان پنهنجي هن منجھائيندڙ زندگيءَ جا سڀ ڏينهن خوشيءَ سان گذاريو. هائو، هن دنيا اندر اوهان جي محنت مشقت واري حياتيءَ ۾ اهو ئي اوهان لاءِ ڪافي آهي.
10
اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.
11
هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.
12
ڪنهن بہ انسان کي ڪا خبر ڪانهي تہ ڪڏهن ٿو ڏکيو وقت اچي مٿس ڪڙڪي. هائو، جيئن مڇيون موت جي ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، يا جيئن پکي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا آهن، تيئن ئي اوچتو ئي اوچتو انسان بہ بُري وقت ۾ ڦاسي پوندا آهن، جڏهن مٿن آفت اچي ڪڙڪندي آهي.
13
هن دنيا ۾ مون ڏاهپ جو هڪڙو واقعو ڏٺو، جيڪو مون لاءِ تمام وڏي اهميت وارو هو.
14
مون ڏٺو تہ هڪڙو ننڍڙو شهر هو، جنهن ۾ ڪي ٿورا ماڻهو رهندا هئا. انهيءَ شهر تي هڪڙو طاقتور بادشاهہ چڙهائي ڪري آيو ۽ اچي شهر جو گھيرو ڪيائين. هن شهر جي ڀتين تان ٽپڻ لاءِ انهن جي سامهون وڏا دمدما ٻڌا.
15
اتي ئي هڪڙو ڏاهو ماڻهو رهندو هو، جيڪو تمام غريب هو. هن پنهنجيءَ ڏاهپ سان انهيءَ شهر کي بچايو. انهيءَ هوندي بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو غريب ماڻهو ياد ئي نہ رهيو.
16
تڏهن مون سمجھيو تہ ”ڏاهپ طاقت کان وڌيڪ بهتر آهي.“ پر غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ کي ڪابہ اهميت نہ ٿي ڏني وڃي ۽ هن جي ڪنهن ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي.
17
مون اهو بہ ڏٺو تہ بيعقلن جي ميڙ ۾ حڪمران جي رڙين کان، ڏاهن ماڻهن جون خاموشيءَ سان چيل ڳالهيون وڌيڪ بهتر آهن.
18
ڏاهپ جنگي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي، پر انسان جي رڳو هڪڙي غلطي سندس ڪيل سڀني نيڪين کي برباد ٿي ڪري ڇڏي.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12