bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ecclesiastes 8
Ecclesiastes 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 9 →
1
ڏاهو ماڻهو جنهن کي ڄاڻ آهي سو ڪيئن سڃاتو وڃي؟ ڏاهپ سندس منهن مان پيئي چمڪي ۽ سخت چهري جي بجاءِ هن جو چهرو نرم رهي ٿو.
2
آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ اوهين پنهنجي بادشاهہ جي حڪمن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خدا پنهنجي واعدي مطابق هن کي مقرر ڪيو آهي.
3
اوهين بادشاهہ کان پنهنجو منهن جلدي نہ موڙيو، نڪي سندس خلاف ڪنهن سازش ۾ شامل ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو جيڪي ڪجھہ چاهي سو ڪري ٿو سگھي.
4
بادشاهہ جو حڪم قانون جي حيثيت رکي ٿو. ڪير آهي جيڪو کيس چئي سگھي تہ ”تون هي ڇا ٿو ڪرين؟“
5
جيڪو بادشاهہ جو حڪم بجا آڻيندو، سو مشڪلاتن جو منهن نہ ڏسندو. تنهنڪري ڏاهو ماڻهو اهو ڄاڻي ٿو تہ ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ ڪڏهن ڪرڻ گھرجي.
6
هر ڳالهہ جو ڪونہ ڪو وقت ۽ سبب هوندو آهي، جنهن جي ڪري عام انسان کي زندگيءَ ۾ گھڻيون ئي تڪليفون سهڻيون پون ٿيون.
7
انسان نہ ٿو ڄاڻي تہ آئيندہ ڇا ٿيندو ۽ ڪيئن ٿيندو. نہ ئي ڪو ٻيو کيس انهيءَ باري ۾ ٻڌائي ٿو سگھي.
8
اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو پاڻ کي مرڻ کان بچائي سگھي، نڪي ڪو موت جي ڏينهن کي ٽاري سگھي ٿو، نڪي ڪو جنگ کان پاڻ بچائي سگھي ٿو ۽ نہ ئي وري بدڪارن کي سندن بڇڙائي ڪو بچائي سگھي ٿي.
9
هن دنيا ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، سو سڀ ڪجھہ مون ڏٺو آهي ۽ انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچيو اٿم. هن دنيا ۾ هڪڙا ظالم ماڻهو ٻين جي مٿان اهڙيءَ طرح حڪمراني ٿا ڪن جو اهي ٻيا سندن ظلم هيٺ پيا پيڙجن.
10
انهيءَ کان سواءِ مون ڏٺو آهي تہ بدڪار ماڻهو هيڪل ۾ ايندا ويندا ٿا رهن ۽ مرڻ کان پوءِ وڏي مان مرتبي سان دفن ڪيا ٿا وڃن، جڏهن تہ نيڪ ماڻهو بلڪل وساريا ٿا وڃن. اها ڳالهہ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.
11
جيئن تہ بدڪاريءَ جي سزا دير سان ڏني ٿي وڃي، جنهن کي ڏسندي ٻين ماڻهن جي دل بہ گناهہ واري زندگيءَ ڏانهن مائل ٿئي ٿي.
12
جيتوڻيڪ ڪو گنهگار کڻي ڏوهن مٿان ڏوهہ ڪندو رهي ۽ سندس عمر بہ وڏي ٿئي، تڏهن بہ آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ ڀلو انهن جو ٿيندو جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا ۽ سندس تعظيم ٿا ڪن.
13
پر هجڻ تہ ائين گھرجي جو گنهگارن جو ڀلو ڪڏهن بہ نہ ٿئي، نڪي سندن عمر وڌي، بلڪ اهي پاڇي وانگر وهامندا رهن، ڇاڪاڻ تہ اهي خدا جو خوف نہ ٿا رکن.
14
تنهن هوندي بہ هڪڙي ڳالهہ سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي، جيڪا هن دنيا ۾ ڪئي پيئي وڃي. اها هيءَ آهي جو هتي سچارن سان اهڙي بري هلت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا بدڪارن سان ڪرڻ گھربي هئي ۽ هتي بدڪارن سان اهڙي سٺي هلت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا سچارن سان ڪرڻ گھربي هئي. تڏهن مون چيو تہ اها ڳالهہ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.
15
تنهنڪري منهنجو مشورو اهو ئي آهي تہ اسين خوش رهون، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا ۾ انسان جي اختيار ۾ انهيءَ کان بهتر ڪا ڳالهہ ڪانهي تہ هو کائي، پيئي ۽ خوش رهي. جيئن انسان هن دنيا ۾ خدا جي طرفان عطا ڪيل حياتي گذاري ٿو، تيئن سندس محنت دوران هن لاءِ اهي ئي ڳالهيون ممڪن آهن.
16
مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ آءٌ هن دنيا جي هر ڳالهہ کي پرکي ڏاهپ حاصل ڪريان، ايتري قدر جو ننڊ آرام ڪرڻ کان سواءِ ڏينهن رات سوچيندو رهيس.
17
هائو، مون خدا جي سڀني ڪمن کي پرکيو. پوءِ مون مڃيو تہ انسان ڪيڏي بہ ڪوشش ڪري پر هو اصل حقيقت معلوم ڪري نہ ٿو سگھي تہ هن دنيا ۾ ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ايتري قدر جو ڏاها ماڻهو بہ جيڪي سمجھڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر اهي بہ نہ ٿا سمجھي سگھن.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
Recommended Reading
Commentary
Ecclesiastes Commentaries
→
Devotional
Ecclesiastes Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→