bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ecclesiastes 5
Ecclesiastes 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 6 →
1
جڏهن اوهين خدا جي گھر ۾ داخل ٿيو، تڏهن نماڻا ٿي احتياط سان اچو. ڪي بيوقوف ماڻهو اتي وڃي لاپرواهيءَ سان قربانيون تہ پيش ڪن ٿا پر نہ ٿا سمجھن تہ ائين ڪرڻ سان هو پنهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ ٿا ڦاسائين. انهيءَ کان تہ اهو وڌيڪ بهتر آهي جو اوهين اتي وڃي ڪجھہ ڌيان سان ٻڌو.
2
خدا آڏو ڪوبہ اٻهرائيءَ وارو واعدو نہ ڪريو. هائو، پنهنجي زبان کي ضرور ضابطي ۾ رکو. خدا عرش عظيم کان اوهان کي ڌرتيءَ تي ڏسي ٿو، تنهنڪري احتياط سان ڳالهايو.
3
اوهين هن چوڻيءَ تي غور ڪريو تہ ”جيئن گھڻي ڳڻتيءَ سان ننڊ حرام ٿي ويندي آهي، تيئن گھڻي ڳالهائڻ وارو بيوقوف هوندو آهي.“
4
جڏهن اوهين خدا آڏو ڪو واعدو ڪريو، تہ پوءِ جيترو جلد ٿي سگھي اهو پورو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙن اُٻهرن بيوقوفن مان خوش نہ ٿو رهي. تنهنڪري پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو.
5
اوهين جيڪڏهن ڪو واعدو ڪريو ۽ وري اهو پورو نہ ڪريو، تنهن کان بهتر اهو آهي تہ اوهين ڪو واعدو ئي نہ ڪريو.
6
پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ رکو، تانتہ اها اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏئي ۽ پوءِ اوهان کي ڪاهن جي آڏو ائين نہ چوڻو پوي تہ ”مون کان ڀل چوڪ ٿي ويئي آهي.“ سو ائين نہ ٿئي جو خدا اوهان جي چيل ڪنهن ڳالهہ تان ناراض ٿي اوهان جي محنت سان ڪيل هر ڪم کي برباد ڪري ڇڏي.
7
بيشڪ انسان جا خالي خيال، گھڻو ڳالهائڻ ۽ ٻيا بيڪار ڪم گھڻا آهن، پر تنهن هوندي بہ اوهين خدا جو خوف رکو.
8
جيڪڏهن اوهين ملڪ ۾ غريبن تي ظلم ٿيندي ڏسو ۽ ڪنهن ظالم عملدار هٿان انصاف ۽ عدالت کي بگاڙيندي ڏسو، تڏهن انهيءَ ڳالهہ تي اوهين حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ظالم عملدار مٿان بہ ٻيا ظالم عملدار آهن ۽ وري انهن سڀني مٿان ڪو ٻيو بہ آهي.
9
پر جيڪڏهن ملڪ جي سڀني ٻنين تي بادشاهہ جي اختياري آهي تہ پوءِ انهيءَ مان سڀني کي فائدو ملي سگھي ٿو.
10
دولت سان پيار ڪندڙ کي دولت مان ڍءُ نہ ٿيندو. هائو، گھڻي دولت جو حرص رکندڙ انهيءَ مان ڍاپجي نہ سگھندو. تہ پوءِ انهيءَ مان بہ اصل مقصد تہ حاصل نہ ٿيو.
11
جڏهن ڪنهن وٽ مال جي گھڻائي ٿئي ٿي، تڏهن انهيءَ کي کائڻ وارا بہ گھڻا ئي ٿي وڃن ٿا. پوءِ انهيءَ ملڪيت جي مالڪ کي سواءِ اکين جي ڍءَ جي ٻيو ڪهڙو فائدو حاصل ٿئي ٿو؟
12
سخت پورهيو ڪندڙ ماڻهوءَ جي ننڊ سڪون واري ٿئي ٿي، توڙي جو انهيءَ کي کائڻ لاءِ ٿورو ڪجھہ ئي ڇو نہ ملي. پر دولتمند کي دولت جي گھڻائي آرام واري ننڊ سمهڻ نہ ٿي ڏئي.
13
هڪڙي تمام وڏي خرابي جيڪا مون هن دنيا ۾ ڏٺي آهي، سا اها آهي تہ ماڻهو پنهنجي دولت ڏک سهي ڪري بچائي تہ رکن ٿا،
14
پر پوءِ سندن اها دولت ڪنهن غلط فيصلي جي ڪري برباد ٿيو وڃي. ٻيو هي تہ جڏهن ڪو ٻار ڄمي ٿو تہ اهو خالي هٿين هن دنيا ۾ اچي ٿو.
15
هائو، انسان هن دنيا ۾ خالي هٿين اچي ٿو ۽ مرڻ کان پوءِ بہ خالي هٿين ئي هليو وڃي ٿو. اهو پنهنجي ڪمائيءَ مان پاڻ سان گڏ ڪابہ شيءِ کڻي وڃي نہ ٿو سگھي.
16
اها بہ هڪڙي وڏي مصيبت آهي، تہ هو هن دنيا مان ائين ئي هليو وڃي ٿو جيئن دنيا ۾ اچي ٿو. پوءِ هن کي انهيءَ محنت مان ڇا حاصل ٿيو؟ اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
17
ان کان علاوہ انسان پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ موت ئي موت ڏسي ٿو ۽ کيس زندگيءَ ۾ گھڻيون ئي مصيبتون، ڏک ۽ جھيڙا سهڻا پون ٿا.
18
ڏسو، مون ڄاڻي ورتو آهي تہ اهو ئي چڱو ۽ مناسب آهي جو ماڻهو کائي پيئي ۽ هن دنيا ۾ خدا جي عطا ڪيل حياتيءَ جي ڏينهن ۾ پنهنجي ڪيل محنت جو چڱو ڦل پاڻ ماڻي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هن لاءِ مقرر آهي.
19
ان کان علاوہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جيڪا مال ملڪيت عطا ڪئي آهي تنهن بابت کيس اختيار ڏنو آهي تہ جيڪو هن لاءِ مقرر آهي تنهن مان کائي پيئي ۽ پنهنجي محنت مان پاڻ مزا ماڻي. اها ئي خدا جي طرفان هن لاءِ نعمت آهي.
20
ائين ڪرڻ سان خدا کيس ايترو تہ خوش رکندو، جو هن کي هن فاني زندگيءَ جي اصل مقصد بابت گھڻي ڳڻتي نہ رهندي.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
Recommended Reading
Commentary
Ecclesiastes Commentaries
→
Devotional
Ecclesiastes Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→