bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Mark 1
Mark 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 2 →
1
خدا جي فرزند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي.
2
يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”خدا چيو تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجو پيغمبر تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘
3
هاڻي رڻپٽ ۾ انهيءَ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’ خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، هن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4
تنهنڪري ئي تہ يحيٰ رڻپٽ ۾ ظاهر ٿيو هو. هو ماڻهن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ منادي ڪري پيو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ خدا اوهان جا گناهہ معاف ڪري ڇڏي.“
5
تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يحيٰ وٽ آيا. انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.
6
يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هئس. هو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو هو.
7
يحيٰ ماڻهن ۾ منادي ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو قدرت وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.
8
آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر هو اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“
9
انهن ڏينهن ۾ عيسيٰ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يحيٰ وٽ آيو ۽ يحيٰ کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.
10
جيئن ئي عيسيٰ پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتو تہ کيس آسمان کُليل نظر آيو ۽ پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺائين.
11
تڏهن آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو فرزند آهين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آهيان.“
12
پوءِ جلد ئي پاڪ روح عيسيٰ کي رڻپٽ ڏانهن ڇڪي ويو،
13
جتي عيسيٰ کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ ملائڪن سندس خدمت پئي ڪئي.
14
يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ
15
”وقت اچي ڀريو آهي ۽ خدا جي بادشاهي ويجھي آئي آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“
16
جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رهيو هو تہ کيس ٻہ مهاڻا شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا، جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا.
17
عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“
18
سو هو هڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا.
19
ٿورو اڳڀرو هليو تہ هن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو.
20
هنن کي ڏسندي ئي عيسيٰ کين سڏ ڪيو تہ انهن پنهنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزدورن سان ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا.
21
پوءِ عيسيٰ پنهنجي انهن شاگردن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.
22
ماڻهو هن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن انهن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ، بلڪ ائين پئي تعليم ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.
23
ايتري ۾ ڀوت ورتل هڪڙو ماڻهو عبادتخاني ۾ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ
24
”اي عيسيٰ ناصري! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون خدا جي هڪ پاڪ هستي آهين.“
25
پر عيسيٰ هن کي دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“
26
تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ زور سان رڙ ڪندي هن مان نڪري ويو.
27
تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين تعليم آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“
28
جلد ئي هن جي هاڪ گليل جي سڄي علائقي ۾ جتي ڪٿي پکڙجي ويئي.
29
ان کان پوءِ عيسيٰ عبادتخاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس سان گڏ سندن گھر آيو.
30
ان وقت شمعون جي سس بخار سبب بستري تي پيئي هئي. سو جيئن ئي عيسيٰ اتي پهتو تہ کيس هن جي بيماريءَ بابت ٻڌايائون.
31
عيسيٰ هن وٽ ويو ۽ کيس هٿ کان وٺي اٿاري ويهاريائين تہ انهيءَ دم سندس بخار لهي ويو ۽ هوءَ سندن خدمت ڪرڻ لڳي.
32
جڏهن سانجھي ٿي ۽ سج لهي ويو تہ ماڻهن ڪيترائي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهو عيسيٰ وٽ آندا.
33
سڄو شهر دروازي تي اچي مڙيو.
34
عيسيٰ ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.
35
صبح جو سوير بلڪل اوندهہ ۾ ئي عيسيٰ اُٿي ٻاهر نڪري ويو ۽ هڪڙي نويڪلي جاءِ تي وڃي دعا گھريائين.
36
شمعون ۽ هن جا ساٿي عيسيٰ کي ڳولڻ نڪتا
37
۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو تہ چيائونس تہ ”هر ڪو اوهان کي ڳولي رهيو آهي.“
38
پر عيسيٰ کين چيو تہ ”هلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شهرن ۾ هلون، تہ جيئن اتي بہ آءٌ تبليغ ڪريان، ڇو تہ انهيءَ لاءِ ئي آءٌ آيو آهيان.“
39
پوءِ هو گليل جي پوري علائقي جي عبادتخانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.
40
ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو هڪڙو ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويهي کيس نيزاري ڪندي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“
41
عيسيٰ کي هن تي ڪهل آئي، سو پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي چيائينس تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“
42
تڏهن هڪدم هن کان ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو ۽ هو ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو.
43
تڏهن عيسيٰ هڪدم کيس روانو ڪندي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ
44
”متان ڪنهن کي ڪجھہ ٻڌايو اٿيئي، بلڪ سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ پوءِ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج، تہ جيئن اها شاهدي ٿئي تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو آهين.“
45
پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ عيسيٰ ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16