bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Mark 2
Mark 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 3 →
1
ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.
2
سو ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. جڏهن عيسيٰ انهن کي پيغام پئي ڏنو
3
تہ ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻهن هٿان کٽولي تي کڻائي ڏانهس آيا.
4
جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري هو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنهن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل هو، تنهن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏهن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ هنن کٽولو، جنهن تي اڌرنگي پيل هو سو هيٺ لاٿو.
5
عيسيٰ انهن جو ايڏو ايمان ڏسي انهيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ! تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“
6
اتي ئي شريعت جا ڪي عالم بہ ويٺا هئا، جيڪي اهو ٻڌي پنهنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ
7
”هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇاڪاڻ تہ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“
8
عيسيٰ هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟
9
ڇا اهو سولو آهي تہ هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟
10
پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي ماڻهن جا گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو عيسيٰ اڌرنگي شخص کي چيو تہ
11
”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“
12
تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“
13
عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو تعليم ڏيڻ لڳو.
14
پوءِ هن واٽ ويندي حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ کيس سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي لاوي اٿيو ۽ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.
15
هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ لاويءَ جي گھر ماني ويٺي کاڌي، تڏهن سندس شاگردن کان علاوہ ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار بہ ساڻس گڏ کائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهڙا گھڻا ئي هئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا هئا.
16
شريعت جي ڪن فريسي عالمن جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“
17
عيسيٰ هي ٻڌي کين وراڻيو تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. سو آءٌ نيڪن کي نہ، بلڪ گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“
18
هڪڙي دفعي جڏهن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان هئا تہ ڪي ماڻهو عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ” يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوهان جا شاگرد ڇو نہ ٿا رکن؟“
19
عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين روزا رکڻ جي ضرورت ناهي.
20
پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تڏهن هو بہ روزا رکندا.
21
ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.
22
ساڳيءَ طرح ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀربي آهي.“
23
سبت جي هڪڙي ڏينهن تي عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن سميت اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو، تہ ڪي شاگرد رستي تي هلندي اناج جا سنگ پٽڻ لڳا.
24
تنهن تي فريسين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا شاگرد اهو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينهن تي جائز نہ آهي؟“
25
عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو هو، تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذراني وارا روٽ کڻي پاڻ بہ کاڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي روٽ ڪاهنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ کائڻ جائز نہ هئا.“
27
عيسيٰ انهن کي وڌيڪ چيو تہ ” سبت انسانن لاءِ ٺهيو آهي، انسان سبت جي لاءِ نہ.
28
ياد رکو، ابنِ آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16