bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Mark 8
Mark 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 9 →
1
هڪڙي ڏينهن وري ماڻهن جو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھہ بہ ڪونہ هو. تنهن تي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ
2
”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين.
3
سو جيڪڏهن آءٌ انهن کي پنهنجن گھرن ڏانهن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اهي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ڪيترائي پري کان آيل آهن.“
4
شاگردن وراڻيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي ايتري ماني ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟“
5
عيسيٰ شاگردن کان پڇيو تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟“ انهن وراڻيو تہ ”ست.“
6
تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي مانيون هٿن تي کڻي انهن ۾ خدا کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. شاگردن ائين ئي ڪيو.
7
انهن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ هيون، تن تي بہ برڪت گھري شاگردن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اهي بہ کڻي ماڻهن کي ڏيو.“
8
سو انهن تہ کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀريون.
9
اهي اٽڪل چار هزار ماڻهو هئا. پوءِ عيسيٰ انهن کي موڪل ڏني
10
۽ پاڻ پنهنجي شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي دلمنوٿا جي علائقي ڏانهن ويو.
11
اتي ڪي فريسي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“
12
تنهن تي هن ٿڌو ساهہ کڻي چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو نشاني ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“
13
پوءِ هو انهن کي ڇڏي شاگردن سميت وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر وڃڻ لڳو.
14
ان وقت شاگردن کي مانيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي مانيءَ کان سواءِ انهن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو.
15
عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، هوشيار ٿجو، متان فريسين ۽ هيروديس جي خمير ۾ ڦاسجي پئو.“
16
تنهنڪري هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسان وٽ ماني ڪونهي.“
17
عيسيٰ سندن ڳالهہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪونهي؟ ڇا اوهين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوهان جا دماغ ايترا چٽ آهن؟
18
ڇا اکين هوندي بہ ڏسي نہ ٿا سگھو ۽ ڪنن هوندي بہ ٻڌي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوهان کي اهي ڳالهيون ياد نہ آهن
19
جڏهن مون پنج مانيون ڀڃي پنج هزار ماڻهن کي ڏنيون تہ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ٻارهن کاريون.“
20
عيسيٰ ٻيهر پڇين تہ ”وري جڏهن مون ست مانيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائي پوريون ڪيون هيون تہ اوهان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“
21
تڏهن عيسيٰ چين تہ ”پوءِ اڃا بہ اوهين نہ ٿا سمجھو.“
22
پوءِ هو بيتصيدا ۾ آيا. اتي ڪي ماڻهو هڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”هن کي هٿ لايو.“
23
عيسيٰ انهيءَ انڌي ماڻهوءَ کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. اتي هن انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنهنجا هٿ گھمايا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“
24
انڌي ماڻهوءَ مٿي نهاري چيو تہ ”مون کي ماڻهو گھمندي نظر اچن ٿا، پر اهي وڻن وانگر لڳن ٿا.“
25
تنهن تي عيسيٰ وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.
26
پوءِ عيسيٰ کيس حڪم ڏنو تہ ”سڌو گھر وڃ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنهن سان بہ اها ڳالهہ نہ ڪجانءِ.“
27
پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد قيصريہ فلپي شهر جي ويجھن ڳوٺن ڏانهن ويا. رستي تي هن شاگردن کان پڇيو تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“
28
انهن وراڻيو تہ ”ڪي ماڻهو چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ ٻين نبين مان ڪوبہ هڪ آهيو.“
29
پوءِ عيسيٰ وري پڇين تہ ”اوهين منهنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوهين مسيح آهيو.“
30
تڏهن عيسيٰ کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اهو ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“
31
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ” ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ٿي اُٿي.“
32
عيسيٰ هي ڳالهيون کولي کولي چيون. تنهن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهن ڳالهين بابت جھڻڪيون ڏيڻ لڳس.
33
عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“
34
پوءِ عيسيٰ ميڙ کي پنهنجي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.
35
ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ پنهنجي جان بچائي سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي واسطي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو سو اها بچائيندو.
36
ڀلا، ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو جو هو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟
37
ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.
38
جيڪڏهن ڪو هن گمراهہ ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ ابنِ آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16