bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Mark 10
Mark 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 11 →
1
پوءِ عيسيٰ گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.
2
تڏهن ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پنهنجي زال کي طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“
3
عيسيٰ جواب ۾ پڇين تہ ” موسيٰ شريعت ۾ اوهان کي ڪهڙو حڪم ڏنو آهي؟“
4
انهن چيس تہ ” موسيٰ اجازت ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڏيئي کيس ڪڍي سگھجي ٿو.“
5
عيسيٰ چين تہ ”موسيٰ اوهان کي هي حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جي سختدليءَ جي خبر هئي.
6
پر دنيا جي خلقت کان وٺي خدا هنن کي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو آهي.
7
پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’تنهنڪري مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو
8
۽ ٻہ جسم گڏجي هڪ ٿي ويندا.‘ هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن.
9
سو جن کي خدا ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“
10
پوءِ جڏهن هو گھر موٽي آيا تہ شاگردن عيسيٰ کان ان بابت پڇيو.
11
عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ٻي زال پرڻجي ٿو، سو زنا ٿو ڪري
12
۽ اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا زال پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ڪنهن ٻئي سان پرڻجي ٿي، سا بہ زنا ٿي ڪرائي.“
13
ڪن ماڻهن ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ آندا تہ هو انهن تي هٿ رکي، پر شاگردن انهن کي ڇينڀيو.
14
جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.
15
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاهيءَ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“
16
پوءِ هن ٻارن کي هنج ۾ کڻي انهن تي هٿ رکيو ۽ کين دعا ڪيائين.
17
عيسيٰ جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“
18
عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي.
19
باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’ٺڳي نہ ڪر‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“
20
تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنس تہ ”استاد! انهن سڀني حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي هوندي کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“
21
تڏهن عيسيٰ هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ خيرات ڪر. تڏهن خدا وٽ تو کي خزانو ملندو. سو خيرات ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
22
جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.
23
تڏهن عيسيٰ چوڌاري نهاريندي پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
24
هنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
25
ياد رکو، اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“
26
تنهن تي شاگرد وڌيڪ حيران ٿي ويا ۽ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“
27
عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.“
28
تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسين تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوهان جي پٺيان لڳا آهيون.“
29
تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، پر آءٌ اوهان کي هيءَ ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منهنجي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنهنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو،
30
تہ ان کي هن ئي آخري زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي.
31
پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“
32
عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو شاگردن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس شاگرد ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارهن ئي شاگردن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.
33
عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، هاڻي اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي ابنِ آدم سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا.
34
اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“
35
تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا عيسيٰ جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اي استاد! اسين چاهيون ٿا تہ اوهين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“
36
عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“
37
انهن چيس تہ ”اسين چاهيون ٿا تہ جڏهن اوهين وڏي شان وَ شوڪت سان پنهنجي شاهي تخت تي ويهو تڏهن اسان کي اجازت ڏجو تہ هڪڙو اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو اوهان جي کاٻي پاسي ويهي.“
38
عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهين ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اُهو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي؟ يا وري اها بپتسما وٺي سگھندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي؟“
39
انهن چيس تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين بہ اهو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي ۽ اوهين بہ اها بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي.
40
پر منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، بلڪ انهن جڳهن تي انهن کي ئي ويهاريو ويندو جن جي لاءِ اهي تيار ڪيون ويون آهن.“
41
جڏهن ٻين ڏهن شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙيا.
42
عيسيٰ انهن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ ”اوهان کي خبر آهي تہ قومن جا سردار ۽ امير جيڪي ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين سي مٿن پورو اختيار رکن ٿا.
43
پر اوهان ۾ ائين نہ آهي. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو خادم ٿئي.
44
هائو، جيڪو اوهان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اهو سڀني جو غلام ٿئي.
45
ڏسو، ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“
46
پوءِ اهي يريحو شهر ۾ آيا. عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙ سان يريحو شهر مان نڪري رهيو هو تہ اتي رستي جي پاسي تي هڪ انڌو فقير ويٺو هو، جنهن جو نالو بارتمائي هو، يعني تمائيءَ جو پٽ.
47
جڏهن هن ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري لنگھي رهيو آهي، تڏهن هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي عيسيٰ! اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“
48
ڪيترن ئي هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“
49
تنهن تي عيسيٰ بيهي رهيو ۽ چيائين تہ ”هن کي سڏ ڪريو.“ سو انهن انڌي ماڻهوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”تسلي ڪر، هو تو کي سڏي رهيو آهي. اُٿي هل.“
50
تڏهن هو پنهنجي چادر اتي ئي ڦٽي ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو.
51
عيسيٰ پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ انڌي وراڻيس تہ ”اي استاد! آءٌ چاهيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“
52
عيسيٰ چيس تہ ”وڃ، تنهنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آهي.“ تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ عيسيٰ جي پٺيان رستو وٺي هليو.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16