bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Mark 13
Mark 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
1
عيسيٰ جڏهن هيڪل مان ٻاهر نڪتو پئي تہ سندس شاگردن مان هڪڙي چيس تہ ”اي استاد! ڏسو تہ هي ڪيڏا نہ سهڻا پٿر ۽ ڪيڏيون نہ خوبصورت عمارتون آهن!“
2
تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”تون جيڪي هي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“
3
پوءِ عيسيٰ جڏهن هيڪل جي سامهون زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو تڏهن پطرس ، يعقوب، يوحنا ۽ اندرياس هن سان نويڪلائيءَ ۾ اچي مليا.
4
انهن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ هنن واقعن ٿيڻ لاءِ ڪهڙي نشاني ٿيندي، جنهن مان خبر پوي تہ برابر وقت اچي پهتو آهي؟“
5
تنهن تي عيسيٰ انهن کي چوڻ لڳو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ نہ ڪري،
6
ڇو تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراهہ ڪندا.
7
جڏهن اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌو تڏهن نہ گھٻرائجو. اهي ڳالهيون ٿينديون ضرور، پر اها اڃا پڄاڻي نہ آهي.
8
قوم، قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. ڪيترن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اهي ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون.
9
سڀني قومن ۾ پهريائين خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ضرور ڪئي ويندي. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عبادتخانن ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا.
11
جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پاڪ روح جون هونديون.
12
ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. اولاد پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو ۽ کين مارائي ڇڏيندو.
13
منهنجي نالي جي ڪري هر ڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.“
14
”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.
15
جيڪو ماڻهو گھر جي ڇت تي هجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لهي پنهنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي
16
۽ جيڪو ماڻهو ٻنيءَ ۾ هجي سو بہ گھر ڏانهن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي.
17
انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون، يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.
18
خدا کان دعا گھرو تہ شل اهي ڳالهيون سياري ۾ نہ ٿين.
19
جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.
20
خداوند جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو نہ گھٽائي ها، تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر هن پنهنجي چونڊيلن جي ڪري انهن ڏينهن جو مدو گھٽائي ڇڏيو.
21
ان وقت جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ’ڏسو، مسيح هيڏانهن آهي‘ يا چوي تہ ’ڏسو، مسيح هوڏانهن آهي‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو،
22
ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا. اهو سڀ اهي انهيءَ مقصد لاءِ ڪندا تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.
23
تنهنڪري هوشيار رهو. ڏسو، مون اوهان کي هر ڳالهہ وقت کان اڳي ئي ٻڌائي ڇڏي آهي.“
24
عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو.
25
تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.
26
تڏهن ماڻهو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.
27
پوءِ هو ملائڪن کي هر طرف موڪليندو، تہ جيئن اهي خدا جي چونڊيل سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪن جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پکڙيل آهن.“
28
”اوهين انجير جي وڻ مان سبق پرايو. جڏهن هن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏهن اوهين سمجھو ٿا تہ اونهارو آيو ڪي آيو.
29
ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو، تڏهن ڄاڻجو تہ هيڪل جي ڊهڻ جو وقت اچي پهتو آهي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آهي.
30
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون.
31
زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“
32
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود ابنِ آدم جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آسمان جا ملائڪ ۽ نہ ئي فرزند، رڳو پيءُ ئي اهو ڄاڻي ٿو.
33
سو هوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي خبر نہ آهي تہ اهو وقت ڪڏهن ايندو.
34
ابنِ آدم جو موٽي اچڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پرديس تي ويو هجي ۽ گھر مان نڪرڻ مهل پنهنجي نوڪرن کي اختياري ڏيئي هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو هجي تہ ’سجاڳ رهجانءِ.‘
35
تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي خبر نہ آهي تہ گھر جو مالڪ ڪڏهن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل يا صبح جو اچي.
36
ائين نہ ٿئي جو جڏهن هو اوچتو اچي تہ متان اوهان کي ستل ڏسي.
37
جيڪي آءٌ اوهان کي چوان ٿو سو ٻين سڀني کي بہ چوان ٿو تہ سجاڳ رهجو.“
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16