bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Mark 15
Mark 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 16 →
1
صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.
2
پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“
3
اتي سردار ڪاهنَ عيسيٰ تي گھڻيون ئي تهمتون هڻندا رهيا.
4
تنهنڪري پلاطس کانئس وري پڇيو تہ ”ڇا تون ڪجھہ بہ نہ چوندين؟ ڏس، هنن تو تي ڪيتريون تهمتون مڙهيون آهن.“
5
پر عيسيٰ وري بہ هڪ لفظ نہ ڳالهايو. تنهن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو.
6
پلاطس هر عيد فصح جي موقعي تي هڪ قيدي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعيت چوندي هئس.
7
انهن ڏينهن ۾ برابا نالي هڪ ماڻهو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ هو جن هڪڙي فساد ۾ خون ڪيا هئا.
8
جڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان مروت گھريائون،
9
تڏهن هن انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهين چاهيو ٿا تہ آءٌ اوهان جي خاطر يهودين جي بادشاهہ کي آزاد ڪريان؟“
10
اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“
11
پر خلق سردار ڪاهنن جي دٻاءُ تي پلاطس کي چيو تہ هو عيسيٰ جي بدران برابا کي آزاد ڪري.
12
پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”پر جنهن کي اوهين يهودين جو بادشاهہ ٿا سڏيو، تنهن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“
13
تنهن تي انهن رڙيون ڪري چيو تہ ” صليب تي چاڙهيوس.“
14
تڏهن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ” صليب تي چاڙهيوس.“
15
جيئن تہ پلاطس ماڻهن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو هن برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي ڪوڙا هڻائڻ کان پوءِ سپاهين جي حوالي ڪندي چيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻوس.“
16
سپاهي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کي بہ سڏيائون.
17
انهن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جو جبو ڍڪايو ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ٺاهي مٿي تي رکيائونس.
18
پوءِ چوڻ لڳس تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“
19
ائين چوندي هو کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ هڻندا رهيا، ٿڪون هڻندا رهيا ۽ گوڏن ڀر ويهي سندس اڳيان سجدو ڪندا رهيا.
20
جڏهن هو ٺٺوليون ڪري چڪا تڏهن واڱڻائي جبو لهرائي وري ساڳيا پنهنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُهي کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.
21
رستي تي انهن کي شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هو. هو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس عيسيٰ جو صليب کڻائي هليا.
22
پوءِ اُهي عيسيٰ کي يروشلم کان گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“
23
هنن عيسيٰ کي اهڙي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ مُرَ نالي نشيدار شيءِ گڏيل هئي، پر هن اُها نہ پيتي.
24
پوءِ هنن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وڌائون.
25
اهو صبح جو اٽڪل نائين بجي جو وقت هو جڏهن انهن کيس صليب تي چاڙهيو.
26
انهن سپاهين هن جي مٿان هڪڙي تختي بہ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو بادشاهہ.“
27
انهن ٻہ ٻيا بہ ماڻهو صليب تي چاڙهيا جيڪي ڌاڙيل هئا، انهن مان هڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.
29
جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ ”واہ واہ! اهو تون ئي آهين نہ، جيڪو ٽن ڏينهن ۾ هيڪل ڊاهين ۽ وري ٺاهين پيو.
30
هاڻي پاڻ کي بچائي صليب تان هيٺ تہ لهي ڏيکار.“
31
ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي چون پيا تہ ”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي تہ پاڻ کي بہ نہ ٿو بچائي سگھي.
32
هاڻي ڏسون تہ هي مسيح ، بني اسرائيل جو بادشاهہ، ڪيئن ٿو صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻهو صليب تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.
33
منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين رهي.
34
ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“
35
جيڪي ماڻهو اُتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو الياس نبيءَ کي سڏي رهيو آهي.“
36
انهن مان هڪڙو ماڻهو ڀڄي وڃي فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين ۽ چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ الياس هن کي صليب تان هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
37
پوءِ عيسيٰ وڏي رڙ ڪندي دم ڏنو.
38
تڏهن هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو.
39
فوجي صوبيدار جيڪو صليب جي اڳيان بيٺو هو تنهن عيسيٰ کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچ پچ تہ هي ماڻهو خدا جو فرزند هو.“
40
اُتي ڪي عورتون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون.
41
جڏهن عيسيٰ گليل علائقي ۾ هو تڏهن اهي سندس پٺيان لڳي هن جي خدمت ڪنديون ٿي رهيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي عورتون هيون جيڪي هن سان گڏ يروشلم ۾ آيون هيون.
42
شام ٿي چڪي هئي ۽ اها شام سبت جي ڏينهن کان اڳئين تياريءَ جي ڏينهن جي هئي.
43
تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي ڪائونسل جو هڪ معزز ڪارڪن هو ۽ پاڻ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين.
44
پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ عيسيٰ ايترو جلد ڪيئن مري ويو. هن هڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”ڇا عيسيٰ ايترو جلدي مري چڪو آهي؟“
45
جڏهن صوبيدار کيس اهڙي خاطري ڏياري، تڏهن پلاطس يوسف کي لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني.
46
پوءِ يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو ۽ عيسيٰ جي لاش کي لهرائي اُن ۾ ويڙهيائين ۽ اهو ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هڪڙي قبر ۾ آڻي رکيائين. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي ان قبر جي منهن تي ڏنائين.
47
مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماءُ مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16