bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Song of Solomon 1
Song of Solomon 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 2 →
1
هي راڳن جو راڳ سليمان جو تمام وڻندڙ راڳ آهي.
2
ڪاش! تنهنجا چپ مون کي چمين سان وڪوڙي ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو پيار مئي کان وڌيڪ سُرور ڏيندڙ آهي.
3
تنهنجي خوشبوءِ ايڏي تہ مٺڙي آهي، جو گھڻيون ئي ڪنواريون تو تي فدا آهن. تنهنجي نالي جو ذڪر ائين آهي، جيئن عطر ڦهليل هجي.
4
مون کي پاڻ سان کڻ تہ اسين ڀڄي هلون. تون منهنجو حاڪم ٿيءُ، ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هل. اسين ٻئي گڏجي خوشيون ۽ شادمانا ڪنداسين. تنهنجو پيار ايترو تہ نشو ڏيندڙ آهي، جو مئي کان بہ وڌيڪ سرور ڏئي ٿو. ڪو عجب ناهي جو سڀيئي عورتون تو تي عاشق آهن.
5
اي يروشلم جون عورتون! بيشڪ آءٌ رنگ جي سانوري آهيان پر حسين آهيان. هائو، اهڙي سانوري جهڙا قيدار جا بياباني تنبو، پر اهڙي سهڻي جهڙا سليمان جي محل جا پردا.
6
منهنجي سانوري هجڻ جو ڪو خيال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اس منهنجو رنگ ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجا ڀائر مون تي ڏمريل هئا، سو مون کي انگورن جي باغن جي سنڀال تي مقرر ڪري ڇڏيو هئائون. جنهن ڪري آءٌ پنهنجي رنگ روپ جي سنڀال ئي نہ ڪري سگھيس.
7
اي منهنجا محبوب! مون کي ٻڌاءِ. تون پنهنجو ڌڻ ڪٿي چاريندو آهين؟ ۽ ٽاڪ منجھند جو پنهنجي ڌڻ کي آرام لاءِ ڪٿي ٿو ويهارين؟ ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ تو کي ڳوليندي تنهنجي سنگتين جي ڌڻن ڀرسان رلندي وتان.
8
اي عورتن ۾ سڀني کان حسين محبوبہ! ڇا تو کي جڳهہ جي خبر ڪانهي؟ تہ پوءِ ڌڻ جي پيرن جا نشان وٺيو اچ، ۽ پنهنجي ڇيلن کي ڌنارن جي تنبن جي ڀرسان وڃي چار.
9
اي منهنجي پياري! ڇا تہ تنهنجي چال آهي! آءٌ تہ تنهنجي مشابهت فرعون جي گاڏيءَ جي هڪڙي گھوڙيءَ سان ٿو ڪريان.
10
تنهنجا ڳل تنهنجي نٿ جي لَڙهين سان ۽ تنهنجي ڳچي هيرن جواهرن سان ڪيڏي نہ سهڻي ٿي لڳي!
11
آءٌ تو لاءِ سونا زيور ٺهرائيندس، جن ۾ چانديءَ جا گل جڙيل هوندا.
12
اي منهنجا بادشاهہ! جيستائين تون پنهنجي پلنگ تي آرامي آهين، تيستائين ڪاش! منهنجي بدن جي خوشبوءِ تو تائين ڦهلجي وڃي.
13
اي منهنجا محبوب! تون منهنجي لاءِ مُر جي عطر جهڙو آهين، جيڪو منهنجي ڇاتين جي وچ ۾ لڳل هوندو آهي.
14
اي منهنجا محبوب! تون منهنجي لاءِ انهيءَ مينديءَ جي ڇڳي جيان آهين، جيڪا عينجديءَ جي انگورن جي باغن ۾ هوندي آهي.
15
اي منهنجي پياري! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين، ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجيون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.
16
اي منهنجا محبوب! تون ڪيڏو نہ حسين آهين. هاءِ! تون ڪيڏو نہ دلپسند آهين! اسان جو پلنگ سرسبز گاهہ ٿيندو،
17
جتي ديال ۽ سرو جا وڻ اسان جي چوڌاري ديوار ۽ ڇت هوندا.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8