bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Song of Solomon 7
Song of Solomon 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 8 →
1
اي منهنجي شهزادي! تنهنجا پير تنهنجي جتين ۾ ڪيڏا نہ سهڻا ٿا لڳن. تنهنجي رانن جي گولائي اهڙن زيورن وانگر آهي، جن کي ڪنهن ماهر ڪاريگر جوڙيو هجي.
2
انهن جي وچ ۾ مئي جو هڪ گول پيالو آهي، جنهن ۾ خوشبودار مئي ڀريل آهي. تنهنجو پيٽ ڪڻڪ جي ڍڳ جهڙو آهي، جنهن جي آسپاس سوسن گل رکيل هجن.
3
تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي ٻچن جهڙيون آهن، هائو، هرڻيءَ جي ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون.
4
تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀي جهڙي آهي، تنهنجيون اکيون حشبون شهر جي انهن تلائن جهڙيون آهن، جيڪي بيتربيم جي دروازي وٽ آهن. تنهنجو نڪ لبنان جي مناري جهڙو آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏانهن آهي.
5
تنهنجو مٿو ڪرمل جبل جيان بلند آهي. تنهنجي مٿي جا وار ايترا تہ ڪارا ۽ چمڪندڙ آهن، جو بادشاهہ بہ انهن کي ڏسي تنهنجو اسير بڻجي وڃي.
6
تون ڪيڏي نہ خوبصورت ۽ دلپسند آهين! تنهنجي پيار جو لطف ڪيڏو نہ ڀرپور آهي!
7
تنهنجي بيهڪ کجيءَ جي وڻ جهڙي آهي. تنهنجيون ڇاتيون کارڪن جي گوشن مثل آهن.
8
مون سوچيو تہ آءٌ انهيءَ کجيءَ تي چڙهندس، ۽ انهيءَ جو ميوو چونڊيندس. تنهنجيون ڇاتيون منهنجي لاءِ انگورن جا ڇڳا آهن، ۽ تنهنجي ساهہ کڻڻ واري خوشبوءِ صوفن جي خوشبوءِ جهڙي آهي.
9
تنهنجي چپن جي چمي، عمدي مئي کان بہ وڌيڪ سرور واري آهي. ڀلي تہ اها مئي منهنجي محبوب ڏانهن سڌي وڃي، ۽ سندس چپن ۽ ڏندن کي ڇهندي وڃي.
10
اي منهنجا محبوب! آءٌ تنهنجي آهيان، ۽ تون مون لاءِ ئي مشتاق آهين.
11
اي منهنجا محبوب! اچ، اچ تہ اسين ٻنين ۾ سير ڪريون، ۽ ڳوٺن ۾ هلي اڪيلائيءَ ۾ رات گذاريون.
12
پوءِ صبح سوير اُٿي انگورن جي باغ ۾ هلون، ڏسون تہ انگورن جي ولين ٻور جھليو آهي يا نہ، باغ ۾ گل ٽڙيا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟ اتي آءٌ تو سان پيار ڪنديس.
13
اي منهنجا محبوب! سرور ڏيندڙ گلن جي خوشبوءِ هوا ۾ ڦهلجي ويئي آهي. اسان جي باغ جي دروازي وٽ هر طرح جا عمدا ميوا آهن. انهيءَ باغ جا تازا توڙي خشڪ ميوا، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8