bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Song of Solomon 6
Song of Solomon 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 7 →
1
اي عورتن ۾ سڀني کان سهڻي! تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ هائو، ٻڌاءِ تہ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي نڪري ويو آهي؟ انهيءَ لاءِ تہ اسين تو سان گڏجي هلي انهيءَ کي ڳوليون.
2
منهنجو محبوب پنهنجي خوشبوءِ واري باغ ڏانهن هليو آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هو پنهنجيون رڍون چاري، ۽ سوسن جا گل ميڙي انهن مان خوشبوءِ جو مزو ماڻي.
3
آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو ئي آهي. هو پنهنجو ڌڻ سوسن گلن ۾ پيو چاري.
4
اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ حسين آهين. تون ترضہ شهر جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم شهر جهڙي وڻندڙ آهين. تنهنجي سونهن منهنجي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.
5
تنهنجي نظرن جو تاب ڏاڍو تکو آهي، ۽ منهنجي سهڻ کان وڌيڪ آهي، سو مون کي انهيءَ کان بچاءِ. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.
6
تنهنجا ڏند رڍن جي انهيءَ ڌڻ کان بہ وڌيڪ اڇا آهن، جنهن جون رڍون وهنجي نڪتيون هجن، جيڪي سڀيئي گڏ هجن ۽ منجھن ڪابہ اڪيلي نہ هجي.
7
تنهنجا ڳل تنهنجي نقاب جي پٺيان، ڏاڙهونءَ جي ٻن اڌن وانگر آهن.
8
بادشاهہ وٽ ڪيتريون ئي راڻيون، سريتون ۽ هزارين ٻيون ڪنواريون ڀلي ڇو نہ هجن،
9
پر تون تہ انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ بيعيب ۽ بي مثال ڪبوتري آهين. تون پنهنجي ماءُ جي پياري ۽ سڪيلڌي ڌيءَ آهين. نوجوان ڇوڪرين، بادشاهہ جي راڻين ۽ سريتين، جن بہ تو کي ڏٺو تن تو کي ساراهيو، ۽ تنهنجي واکاڻ هيئن ڳائڻ لڳيون تہ
10
”اها ڪير آهي، جيڪا صبح جهڙي روشن ٿي ڏسجي؟ اها چنڊ جهڙي حسين ۽ سج جهڙي تجليدار آهي، جنهن جي سونهن اسان جي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.“
11
آءٌ اخروٽن جي باغ ۾ ويس، انهيءَ لاءِ تہ برساتي نهر وٽ وڻن کي ڏسان. هائو، آءٌ ڏسان تہ انگورن جي ولين ۾ ٻور آيو آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟
12
اوچتو آءٌ پيار جي جوش ۾ ائين مدهوش ٿي ويس، ڄڻ تہ آءٌ شاندار شاهي گھوڙي گاڏيءَ ۾ سواري ڪري رهيو آهيان.
13
اي بيمثل ۽ بيعيب ڇوڪري! مون وٽ موٽي اچ، موٽي اچ تہ آءٌ تنهنجو ديدار ڪريان. اي منهنجا محبوب! تون ڇو ٿو چاهين تہ مون کي ٻين جي آڏو نچندو ڏسين؟
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8