bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Song of Solomon 3
Song of Solomon 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 4 →
1
رات جي وقت جڏهن آءٌ پنهنجي پلنگ تي ليٽيل هئس، تہ مون کي پنهنجي محبوب جي ياد ڏاڍو ستايو. تڏهن مون اُٿي ڪري انهيءَ کي ڏاڍو ڳوليو، پر هو نہ مليو.
2
سو مون سوچيو تہ هاڻي آءٌ ٻاهر نڪري سڄي شهر ۾ هر پاسي گھمنديس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو مون کي منهنجي ساهہ کان پيارو آهي، تنهن کي گھٽين ۽ چؤسولن تي ڳوليان. مون هن کي ڳوليو پر هو مون کي ڪين مليو.
3
پر پهري وارا جيڪي شهر ۾ گشت پيا ڪن، سي مون سان مليا. مون انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهان انهيءَ کي ڏٺو، جنهن سان منهنجو جيءُ جڙيل آهي؟“
4
آءٌ اڃا انهن کان ٿورو اڳتي هليس، تہ هو مون کي ملي ويو، جيڪو منهنجي جان کان پيارو آهي. مون هن کي جھلي ورتو ۽ وڃڻ ڪين ڏنو مانس، ايستائين جو آءٌ کيس پنهنجي ماءُ جي گھر ۾ وٺي آيس، هائو، انهيءَ ماءُ جي گھر، جنهن مون کي پنهنجي پيٽ ۾ جھليو هو.
5
اي يروشلم جون جوان عورتون! آءٌ اوهان کي نازڪ هرڻين، ۽ ميدان جي ڄانگھن جو قسم ٿي ڏيان تہ مون سان واعدو ڪريو تہ جيستائين اسين پيار ۾ مشغول هجون، تيستائين اوهين اسان جي پيار ۾ رخنو نہ وجھنديون.
6
اهو ڪير آهي، جيڪو بيابان مان دونهين جي ڪڪر وانگر پيو اچي، جيڪو مُر ۽ لوبان سان، ۽ سوداگرن جي وڪرو ڪيل هر طرح جي خوشبوءِ سان معطر آهي؟
7
ڏسو، اها تہ سليمان جي پالڪي آهي، جنهن جي چوڌاري بني اسرائيل جي بهادرن مان سٺ بهادر آهن.
8
اهي سڀيئي تلوارباز ۽ جنگ جا ماهر آهن. رات جي حملي جي خطري سبب انهن مان هر هڪ کي سندس ران سان تلوار ٻڌل آهي.
9
بادشاهہ سليمان جيڪا پالڪي پنهنجي لاءِ جوڙائي آهي، سا لبنان جي عمدي ڪاٺ مان ٺهيل آهي.
10
انهيءَ جي ٿنڀن تي چاندي چڙهيل آهي، ۽ ڇت سون سان ڍڪيل اٿس. انهيءَ جي ويهڻ واري گدي واڱڻائي رنگ جي آهي. انهيءَ پالڪيءَ جو اندريون سينگار نهايت دل وَ جان سان ڪيو ويو آهي. اي يروشلم جون عورتون! ٻاهر نڪري اچو.
11
هائو، اي صيئون جون عورتون! سليمان بادشاهہ کي ڏسو. انهيءَ جي مٿي تي هڪ تاج آهي، جيڪو سندس شاديءَ جي ڏينهن، يعني دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، سندس ماءُ کيس پارايو هو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8