bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Song of Solomon 2
Song of Solomon 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 3 →
1
آءٌ تہ ميدان جي رڳو جھنگلي گل مثل آهيان. هائو، آءٌ ڄڻ تہ پهاڙي ماٿرين جو سوسن گل آهيان.
2
جيئن سوسن گل ڪنڊن جي وچ ۾ هوندو آهي، تيئن ئي اي منهنجي محبوبہ! تون ٻين ڪنوارين ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حسين آهين.
3
جيئن جھنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن ئي اي منهنجا محبوب! تون نوجوانن ۾ آهين. آءٌ بيحد خوشيءَ سان تنهنجي ڇانوَ ۾ ٿي ويهان، ۽ تنهنجو ميوو مون لاءِ ڏاڍو مٺو آهي.
4
تون مون کي پنهنجي مئيخاني ۾ وٺي آيو آهين، ۽ مون تي پنهنجي محبت جو وسڪارو ڪيو اٿيئي.
5
اي منهنجا محبوب! پنهنجي ڪشمش سان منهنجي قوت بحال ڪر، ۽ پنهنجي صوفن سان مون کي تازو توانو ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ محبت جي ماريل آهيان.
6
پنهنجي کاٻي ٻانهن منهنجي مٿي هيٺان رک، ۽ پنهنجي ساڄيءَ ٻانهن سان مون کي ڀاڪر پاءِ.
7
اي يروشلم جون نوجوان عورتون! آءٌ اوهان کي نازڪ هرڻين، ۽ ميدان جي ڄانگھن جو قسم ٿي ڏيان تہ مون سان واعدو ڪريو تہ جيستائين اسين پيار ۾ مشغول هجون، تيستائين اوهين اسان جي پيار ۾ رخنو نہ وجھنديون.
8
آءٌ پنهنجي محبوب جو آواز ٻڌان ٿي، ڏسو، هو جبلن مٿان ڊوڙندو، ۽ ٽڪرين کي اورانگھيندو، مون ڏانهن اچي رهيو آهي.
9
منهنجو محبوب هرڻ جهڙو آهي، هائو، هو جوان ڄانگھي جهڙو آهي. ڏسو، هو اسان جي ڀت پٺيان بيٺو آهي. هو درين مان جھاتيون ٿو پائي، ۽ ڳڙکين مان پاڻ ٿو ڏيکاري.
10
منهنجو محبوب مون سان ڳالهائي ٿو. اُٿي اچ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ.
11
ڏس، سيارو گذرڻ وارو آهي، مينهن وسي بس ڪئي آهي.
12
ڌرتيءَ تي گلن بهار لاتي آهي، گيتن ڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڏس، هر هنڌ ڳيرين جو آواز پيو ٻڌجي.
13
انجير جي وڻن ۾ ميوو پچڻ لڳو آهي، انگورن جي ولين جي ٻور هوا کي معطر ڪري ڇڏيو آهي. سو اُٿ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ.
14
اي محبوبہ! تون انهيءَ ڪبوتريءَ جهڙي آهين، جيڪا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀي ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ لڪي ٿي. مون کي پنهنجو ديدار ڪراءِ، مون کي پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو آواز ڏاڍو مٺڙو آهي، ۽ تنهنجو چهرو ڏاڍو پيارو آهي.
15
اي منهنجا محبوب! تون انهن وڏين توڙي ننڍين لومڙين کي منهنجي ويجھو اچڻ نہ ڏي، متان اهي منهنجي انگورن جي باغ جو زيان ڪن، ڇاڪاڻ تہ انگورن جي ولين ٻور جھليو آهي.
16
اي منهنجا محبوب! تون منهنجو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ئي آهيان، تون ئي رڳو منهنجي سوسن گلن ۾ گھُم،
17
جيستائين صبح جي ٿڌڙي هير گھلي، ۽ رات جي اونداهي گم ٿي وڃي. پوءِ ڀلي موٽي وڃ. تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگھي جيان ڇال ڏيندو وڃ، جيڪو باتر جي جبلن ۾ رهي ٿو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8