bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Song of Solomon 4
Song of Solomon 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 5 →
1
اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين! واہ! تون ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجي نقاب پٺيان تنهنجيون اکڙيون، ڄڻ ڪبوترين جون اکيون آهن. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.
2
تنهنجا ڏند رڍن جي انهيءَ ڌڻ کان بہ وڌيڪ اڇا آهن، جن جي اُن ڪتري ويئي هجي ۽ جيڪي وهنجي نڪتيون هجن. جيڪي سڀيئي گڏ هجن ۽ منجھن ڪابہ اڪيلي نہ هجي.
3
تنهنجا چپ ڳاڙهي ربن جهڙا آهن. جڏهن تون ڳالهائين ٿي، تڏهن اهي ڪيڏا نہ وڻندڙ ٿا لڳن. تنهنجا ڳل تنهنجي نقاب جي پٺيان، ڏاڙهونءَ جي ٻن اڌن وانگر آهن.
4
تنهنجي ڳچي دائود جي مناري وانگر آهي، جيڪو ماهر ڪاريگر جي هٿان ٺاهيو ويو آهي. تون هار پائڻ سان ائين ٿي لڳين، جو ڄڻ تہ انهيءَ مناري جي چوڌاري هزارين ڍالون لٽڪايون ويون هجن.
5
تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي انهن ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون آهن، جيڪي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن.
6
آءٌ تنهنجي مُر جي انهن جبلن تي، هائو، آءٌ تنهنجي لوبان جي ٽڪرن تي وڃي رات گذاريندس، جيستائين صبح جي ٿڌڙي هير گھلي، ۽ اونداهي گم ٿي وڃي.
7
اي منهنجي محبوبہ! تون مٿي کان پيرن تائين حسن ئي حسن آهين، تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.
8
اي منهنجي ڪنوار! تون لبنان جي جابلو علائقي کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ، هائو، اتان جي امانا، سنير ۽ حرمون جبلن جي چوٽين کي، جتي غارن ۾ شينهن ۽ چيتا رهندا آهن، تن کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ.
9
اي منهنجي مٺڙي! اي منهنجي ڪنوار! هاءِ هاءِ تنهنجي نيڻن جي نظاري ۽ تنهنجي هار جي تجلي، منهنجي دل کسي ورتي آهي.
10
اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تنهنجي چمين ۾ ڪيڏو نہ مٺاڻ آهي. تو سان ڀاڪر پائڻ ۾ مئي کان وڌ سُرور ملي ٿو. تنهنجي بدن جي خوشبوءِ هر قسم جي خوشبوئن کان اعليٰ آهي.
11
اي منهنجي محبوبہ! تنهنجا چپ ماکيءَ جهڙا مٺا آهن، تنهنجي چمين سان مون کي ماکيءَ ۽ کير جهڙي لذت ٿي ملي. تنهنجي ڪپڙن جي خوشبوءِ، لبنان جي عطر جهڙي آهي.
12
اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تون هڪ اهڙو باغ ۽ اهڙو چشمو آهين، جيڪو ٻين سڀني لاءِ بند آهي.
13
تون ڏاڙهن جو باغ آهين، هڪ اهڙو باغ جيڪو عمدن ميون سان ڀريل هجي، جنهن ۾ ميندي، سنبل،
14
زعفران، بيدمشڪ، دالچيني، مُر، عود ۽ هر قسم جي لوبان جا وڻ، مطلب تہ سمورن عمدن ۽ خوشبودار مصالحن جي ڪا ڪمي ڪانهي.
15
تون باغن کي پاڻي ڏيندڙ هڪ اهڙي چشمي وانگر آهين، جنهن مان هميشہ تازو ۽ مٺو پاڻي نڪري ٿو. تون وهندڙ پاڻيءَ جي نهر آهين، جيڪا لبنان جي جبلن تان هيٺ ٿي وهي.
16
اي هوا! تون اچي گھُل. هائو، اتر ۽ ڏکڻ کان منهنجي باغ مٿان اچي گھُل. پوءِ تون هر پاسي پکڙجي وڃ، تہ جيئن منهنجي باغ جي خوشبوءِ ڦهلجي وڃي منهنجي محبوب تائين پهچي، تہ جيئن هو پنهنجي هن باغ ۾ هلي اچي، ۽ انهيءَ جا لذيذ ميوا کائي.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8