bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Hosea 1
Hosea 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 2 →
1
اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾، خداوند جو ڪلام هوسيع بن بيريءَ تي نازل ٿيو.
2
جڏهن خداوند شروع ۾ هوسيع جي معرفت ڳالهايو، تڏهن خداوند هوسيع کي چيو تہ وڃ، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي زناڪار زال، ۽ هڪڙو زنا مان ڄاول ٻار وٺ: ڇالاءِ جو ملڪ خداوند کان پاسو ڪري وڏي زناڪاري ٿو ڪري.
3
تڏهن هن وڃي ڊبلائم جي ڌيءَ جمر کي ورتو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ هن مان پٽ ڄائس.
4
۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو يزرعيل رک؛ ڇالاءِ جو ٿوري وقت کانپوءِ آءٌ يزرعيل جي خون جو وير ياهوءَ جي گهراڻي کان وٺندس، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي بادشاهي پوري ڪندس.
5
۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ يزرعيل جي واديءَ ۾ اسرائيل جي ڪمان ڀڃندس.
6
۽ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ ڌيءَ ڄڻيائين. ۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو لوروحامہ رک؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جي گهراڻي تي وري اڳتي اهڙو رحم نہ ڪندس جو ڪنهن بہ طرح انهن کي معافي ڏيان.
7
پر آءٌ يهوداہ جي گهراڻي تي رحم ڪندس، ۽ هنن کي خداوند سندن خدا جي وسيلي بچائيندس؛ نہ ڪمان يا ترار، يا گهوڙن، يا گهوڙي سوارن جي وسيلي.
8
هاڻي جڏهن لوروحامہ جو کير ڇڏايو ويو، تڏهن هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين.
9
۽ خداوند چيو تہ انهي جو نالو لوعمي رک: ڇالاءِ جو اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا نہ آهيان.
10
انهي هوندي بہ بني اسرائيل جو شمار سمنڊ جي واريءَ جيترو ٿيندو، جا نہ ماپي ٿي سگهجي، ۽ نہ ڳڻي ٿي سگهجي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي چيو ويو آهي تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هنن کي چيو ويندو تہ اوهين جيئري خدا جا پٽ آهيو.
11
۽ بني يهوداہ ۽ بني اسرائيل گڏ ٿيندا، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو سردار مقرر ڪندا، ۽ انهي زمين مان نڪري ويندا، ڇالاءِ جو يزرعيل جو ڏينهن وڏو ٿيندو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14