bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Hosea 11
Hosea 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 12 →
1
جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم.
2
پر جيئن جيئن مون هنن کي سڏيو، تيئن هو پري ٿيندا ويا: هنن بعليم لاءِ قربانيون ڪيون، ۽ اُڪريل مورتن لاءِ لوبان ساڙيو.
3
پر مون افرائيم کي هلڻ سيکاريو، مون هنن کي پنهنجين ٻانهن تي کنيو؛ پر هنن کي اها خبر نہ پيئي تہ مون هنن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو.
4
مون هنن کي انساني رشتي سان ۽ محبت جي ڏورين سان ڇڪيو؛ آءٌ هنن جي لاءِ اهڙو هوس، جهڙا اُهي جي سندن ڄاڙن تان پاڃاري لاهي ڇڏين ٿا، ۽ مون هنن جي اڳيان کاڌو رکيو.
5
هو موٽي مصر جي ملڪ ۾ نہ ويندو؛ پر اسوري هن جو بادشاهہ ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن موٽڻ کان انڪار ڪيو.
6
۽ ترار هن جي شهرن تي ڪڙڪندي، ۽ هن جي درن جي گزن کي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ خود سندن مصلحتن ڪري هنن کي ڳهي ڇڏيندي.
7
۽ منهنجي قوم ڪوتاهي ڪرڻ تي مائل آهي: جيتوڻيڪ هو انهن کي انهي وٽ اچڻ لاءِ سڏين ٿا جو بلنديءَ تي آهي، تہ بہ ڪو انهي کي تعظيم نہ ٿو ڏئي.
8
اي افرائيم، آءٌ توکي ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ اي اسرائيل، ڪيئن آءٌ توکي ڏيئي ڇڏيان؟ ڪيئن توکي ادمہ جهڙو ڪريان؟ ڪيئن توکي ضبويم جهڙو بنايان؟ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ وٽ ٿي کائي، منهنجون رحمتون ظاهر ٿيون آهن.
9
آءٌ پنهنجي سخت ڪاوڙ عمل ۾ نہ آڻيندس، آءٌ افرائيم کي ناس ڪرڻ لاءِ نہ موٽندس: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، نہ انسان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قدوس خدا آهيان: آءٌ ڪاوڙ ۾ شهر ۾ نہ گهڙندس.
10
هو خداوند جي پٺيان هلندا، جو شينهن وانگر گجندو، هائو، هو گجندو ۽ سندس ٻار اُلهندي کان ڏڪندا ايندا.
11
اُهي اهڙيءَ طرح ڏڪندا ايندا، جهڙيءَ طرح ڪو پکي مصر مان اچي، ۽ ڪو ڪبوتر اسور جي ملڪ مان اچي: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي سندن گهرن ۾ رهائيندس.
12
افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14