bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Hosea 8
Hosea 8
Sindhi Bible
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 9 →
1
قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.
2
هو مون کي سڏي چوندا تہ اي خداوند، اسين اسرائيل توکي سڃاڻون ٿا.
3
جيڪي چڱو آهي سو اسرائيل اُڇلائي ڦٽو ڪيو آهي: دشمن هن جي پٺيان پوندو.
4
هنن بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، پر نہ منهنجي طرفان؛ هنن سردار بنايا آهن، ۽ مون کي انهي جي خبر ئي ڪانهي: هنن پنهنجي روپي، ۽ پنهنجي سون مان پنهنجي لاءِ بُت ٺاهيا آهن، انهي لاءِ تہ وڍجي وڃن.
5
اي سامريہ، هنن تنهنجو گابو اُڇلائي ڇڏيو آهي. منهنجي ڪاوڙ هنن تي ڀڙڪي آهي: هو ڪيستائين گناهہ کان پاڪ نہ ٿيندا
6
ڇالاءِ جو هي بہ اسرائيل کان آهي؛ ڪاريگر انهي کي جوڙيو آهي، ۽ اُهو خدا ناهي: هائو، سامريہ جو گابو ڀڃي پرزا پرزا ڪيو ويندو.
7
ڇالاءِ جو هو واءُ پوکين ٿا ۽ واچوڙو لڻندا: هن وٽ ڪو بيٺل اَن ڪونهي؛ سٽن مان کاڌو پيدا نہ ٿيندو؛ جي کڻي ٿيندو تہ بہ ڌاريا اُهو ڳهي ويندا.
8
اسرائيل ڳيسجي ويو آهي: هاڻي هو ٻين قومن ۾ ائين آهي جيئن اُهو باسڻ جو ڪنهن ڪم جو ڪونهي.
9
ڇالاءِ جو هو چڙهي اسور ڏانهن ويا آهن، جيئن ڪو جهنگلي گڏهہ پنهنجي منهن اڪيلو وڃي: افرائيم سينڌ ڀاڙي ڪيا آهن.
10
هائو جيتوڻيڪ هو قومن مان ڀاڙي پيا ڪن، تہ بہ آءٌ هن کي گڏ ڪندس؛ ۽ هو بادشاهہ جي ۽ اميرن جي بار جي سببان گهٽجڻ لڳندا.
11
ڇالاءِ جو افرائيم گناهہ لاءِ قربانگاهہ وڌايا آهن، قربانگاهہ هنن جي لاءِ گناهہ جو سبب ٿيا آهن.
12
جيتوڻيڪ آءٌ هن جي لاءِ پنهنجي شريعت جا ڏهہ هزار حڪم لکان ٿو، تہ بہ اُهي ڌاريءَ شيءِ وانگر شمار ڪيا ٿا وڃن.
13
باقي منهنجي نذرانن جي قربانين لاءِ، هو گوشت قربان ڪري کائين ٿا؛ پر خداوند کين قبول نٿو ڪري: هاڻي هو سندن بدڪاري ياد ڪندو، ۽ گناهن جي سزا ڏيندو؛ هو مصر ۾ موٽي ويندا.
14
ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14