bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Hosea 13
Hosea 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 14 →
1
جڏهن افرائيم ڳالهايو تڏهن ڏڪڻي پئجي ويئي؛ هن پاڻ کي اسرائيل ۾ وڏو چوايو: پر جڏهن هن بعل جي ڪري گناهہ ڪيو، تڏهن هو مري ويو.
2
۽ هاڻي هو وڃن وڌيڪ گناهہ ڪندا، ۽ پنهنجي لاءِ چانديءَ جون پلٽيل مورتون ٿا جوڙين، يعني پنهنجي سمجهہ موافق بُت ٿا جوڙين، جي سڀ ڪاريگرن جا ڪم آهن: انهن بابت هو چون ٿا تہ جيڪي قربانيون چاڙهين ٿا، سي گابن کي چُمن.
3
تنهنڪري هو صبح جي بادل وانگي ٿيندا، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سوير ئي گم ٿي وڃي ٿي، ۽ انهن تهن وانگر جي واچوڙي سان اَن ڳاهڻ جي پڙ تان اُڏامي وڃن ٿا، ۽ بخاريءَ مان نڪرندڙ دونهين وانگر.
4
انهي هوندي بہ آءٌ مصر جي زمين کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان، تون ڪنهن ٻئي معبود کي نہ ڄاڻندو هئين، ڇالاءِ جو مون کان سواءِ ٻيو نجات ڏيندڙ ڪونهي.
5
بيابان ۾ يعني تمام خشڪ زمين ۾ مون تنهنجي خبر لڌي.
6
هو پنهنجي چراگاهہ ۾ ڍاپجي ويا ۽ پيٽ ڀرجڻ ڪري هنن جي دل مغرور ٿي ويئي: ۽ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي.
7
تنهنڪري آءٌ هنن جي لاءِ شينهن جهڙو آهيان: چيتي وانگر آءٌ رستي جي ڀرسان ڄڪ هڻي ويهندس:
8
آءٌ هنن کي انهي رڇڻ وانگر گڏبس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن، ۽ هن جي دل جو پردو ڦاڙي ڇڏيندس: ۽ اُتي آءٌ هنن کي شينهن وانگر ڳهي ويندس؛ جهنگلي جانور هنن کي ڦاڙي ڇڏيندو.
9
اي اسرائيل، اها تنهنجي تباهي آهي، ڇالاءِ جو تون منهنجي، يعني پنهنجي مددگار جي برخلاف ٿيو آهين.
10
هاڻي تنهنجو بادشاهہ ڪٿي آهي، جو توکي تنهنجن سڀني شهرن ۾ اچي بچائي؟ ۽ تنهنجا قاضي ڪٿي آهن جن جي نسبت ۾ تو چيو تہ مون کي بادشاهہ ۽ امير ڏي؟
11
مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ توکي هڪڙو بادشاهہ ڏنو، ۽ پنهنجي غصي ۾ انهي کڻي ورتو اٿم.
12
افرائيم جي لاءِ بدڪاري ٻڌي رکي ويئي آهي؛ هن جو گناهہ گڏ ڪري رکيو ويو آهي.
13
سورن واري زال جا درد هن تي ايندا: هو هڪڙو نادان پٽ آهي؛ مناسب آهي تہ هاڻي هو ڄمڻ ۾ دير نہ ڪري.
14
آءٌ هنن کي پاتال جي هٿان ملهہ ڏيئي ڇڏائيندس، آءٌ هنن کي موت کان ڇڏائيندس: اي موت، تنهنجون مريون ڪٿي آهن؟ اي قبر، تنهنجي تباهي ڪٿي آهي؟ رحم منهنجين اکين کان لڪي ويندو.
15
جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن ۾ هو ڦر وارو ٿيندو، تہ بہ اُڀرندي جو واءُ ايندو، خداوند جو جهولو بيابان مان اُٿندو، ۽ هن جو چشمو سُڪي ويندو، ۽ هن جو حوض خشڪ ٿي ويندو: هو سڀني سهڻن ٿانوَن جي خزاني کي لٽي ويندو.
16
سامريہ پنهنجو ڏوهہ کڻندي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجي خدا کان باغي ٿي آهي: هو ترار سان ڪِرندا، هنن جا معصوم ٻار پرزا پرزا ٿيندا، ۽ هنن جي حاملہ زالن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14