bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Hosea 4
Hosea 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 5 →
1
اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.
2
ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.
3
تنهنڪري هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ جيڪو انهي ۾ رهندو سو جهنگ جي مرن ۽ هوا جي پکين سان گڏ ساڻو ٿيندو؛ هائو، سمنڊ جون مڇيون بہ گم ٿي وينديون.
4
انهي هوندي بہ ڪو ماڻهو جهيڙو نہ ڪري، ۽ نہ ڪو ماڻهو عتاب ڏئي، ڇالاءِ جو تنهنجي قوم انهن جهڙي آهي جي ڪاهن سان جهيڙو ٿا ڪن.
5
۽ تون ڏينهن جو ٿاٻو کائيندين، ۽ نبي بہ تو سان گڏ رات جو ٿاٻو کائيندو؛ ۽ آءٌ تنهنجي ماءُ کي ناس ڪري ڇڏيندس.
6
منهنجي قوم علم نہ هئڻ ڪري ناس ٿي ويئي آهي: تو معرفت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ توکي بہ رد ڪندس، تہ تون منهنجو ڪاهن نہ ٿين: جڏهن تو پنهنجي خدا جي شريعت وساري ڇڏي آهي، تڏهن آءٌ بہ تنهنجا ٻار وساري ڇڏيندس.
7
جيئن هو وڌندا ويا تيئن منهنجو گناهہ ڪندا ويا: آءٌ هنن جي عزت مٽائي خواري ڪندس.
8
هو منهنجي قوم جي گناهہ تي گذران ڪن ٿا، ۽ انهن جي بدڪاريءَ تي پنهنجي دل لڳائين ٿا.
9
۽ اهڙو حال ٿيو جو جهڙا ٻيا ماڻهو تهڙو ڪاهن: ۽ آءٌ هنن کي سندن افعالن جي ڪري سزا ڏيندس، ۽ سندن ڪمن جو بدلو ڏيندس.
10
هو کائيندا پر ڍءُ نہ ٿيندن؛ هو زناڪاري ڪندا پر وڌندا ڪين: ڇالاءِ جو هنن خدا جو خيال ڇڏي ڏنو آهي.
11
زناڪاري، ۽ شراب، ۽ نئون شراب سمجهہ وڃايو ٿا ڇڏين.
12
منهنجي قوم جا ماڻهو بنڊ وٽ سوال ٿا ڪن، ۽ سندن لٺ کين خبر ٿي ٻڌائي؛ ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جي روح هنن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي خدا جي هٿان نڪري وڃي زنا کي لڳا آهن.
13
هو جبلن جي چوٽين تي قربانيون ٿا ڪن، ۽ ٽڪرين تي شاهہ بلوط ۽ ديودارن، ۽ تارپين جي وڻ هيٺ لوبان ٿا ساڙين، ڇالاءِ جو انهن جي ڇانوَ چڱي آهي: تنهنڪري اوهان جون ڌيئون ڪسب ٿيون ڪمائين، ۽ اوهان جون ننهون زناڪاريون ٿيون ڪن.
14
آءٌ اوهان جي ڌيئن کي ڪسب ڪرڻ وقت سزا نہ ڏيندس، ۽ نہ اوهانجن نهن کي زناڪاري ڪندي؛ ڇالاءِ جو هو پاڻ ڪسبين سان گڏجي پاسي تي نڪري وڃن ٿا، ۽ ڪڃرين سان گڏ هو قرباني ٿا ڪن: ۽ جيڪا قوم نہ سمجهندي سا ناس ڪئي ويندي.
15
جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.
16
ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو.
17
افرائيم وڃي بتن سان گڏيو آهي، انهي کي ڇڏي ڏيو.
18
هن جو شراب کَٽو ٿي پيو آهي: هو سدائين زناڪاري پيا ڪن؛ ان جي حاڪمن کي خواري پسند آهي.
19
هوا ان کي پنهنجن کنڀن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجين قربانين جي ڪري شرمندا ٿيندا.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14