bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Hosea 5
Hosea 5
Sindhi Bible
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 6 →
1
اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:
2
۽ فسادين وڏو ڪوس ڪيو آهي؛ پر آءٌ انهن سڀني جي ملامت ڪندڙ آهيان.
3
آءٌ افرائيم کي سڃاڻان ٿو، ۽ اسرائيل بہ مون کان لڪل نہ آهي: ڇالاءِ جو اي افرائيم، تو زنا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل پليت ٿيو آهي.
4
هنن جا ڪم هنن کي پنهنجي خدا وٽ موٽڻ نٿا ڏين: ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جو خيال هنن جي وجود ۾ آهي، ۽ هو خداوند کي نٿا سڃاڻن:
5
۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن تي ثابتي ٿي ڏئي: تنهنڪري اسرائيل ۽ افرائيم پنهنجي بدڪاريءَ ۾ ٿاٻڙجي ڪِرندا؛ يهوداہ بہ انهن سان گڏ آٿڙبو.
6
هو پنهنجن گلن ۽ پنهنجن ڌڻن سان خداوند کي ڳولڻ ويندا، پر انهي کي نہ لهندا: انهي پاڻ کي هنن کان لڪائي ڇڏيو آهي.
7
هنن خداوند جي برخلاف دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ڌاريا ٻار ڄڻيا آهن: هاڻي نئون چنڊ هنن کي سندن ٻنين سميت ڳهي ويندو.
8
اوهين جبعہ ۾ شرنائي وڄايو، ۽ رامہ ۾ قرناءِ: بيت اون ۾ خوف جو آواز ڪريو؛ اي بنيمين تنهنجي پٺيان!
9
افرائيم عتاب جي ڏينهن ويران ٿي ويندو: اسرائيل جي فرقن ۾ مون اها ڳالهہ پڌري ڪئي آهي جا ضرور ٿيڻي آهي.
10
يهوداہ جا سردار انهن وانگر آهن جي حد جا نشان کڻي ٿا ڇڏين: آءٌ انهن تي پنهنجي ڪاوڙ پاڻيءَ وانگر اوتي وجهندس.
11
افرائيم تي ظلم ٿيو آهي، هو عدالت ۾ چپجي ويو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اجاين ڳالهين جي پٺيان هلڻ ۾ راضي هو.
12
تنهنڪري آءٌ افرائيم جي لاءِ هڪڙي پرواني وانگر آهيان، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ ڪِنيءَ شيءِ وانگر.
13
جڏهن افرائيم پنهنجي بيماري ڏٺي، ۽ يهوداہ پنهنجو ڦٽ ڏٺو، تڏهن افرائيم اسور وٽ ويو، ۽ ياريب جي بادشاهہ کي قاصد موڪلي گهرايائين: پر هو اوهان کي شفا ڏيئي نٿو سگهي، نڪي هو اوهان جو ڦٽ ڇُٽائيندو.
14
ڇالاءِ جو آءٌ افرائيم جي لاءِ شينهن ٿيندس، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ جوان شينهن: آءٌ، هائو آءٌ، ڦاڙي هليو ويندس، ۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.
15
آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14