bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Hosea 10
Hosea 10
Sindhi Bible
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 11 →
1
اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن.
2
هن جي دل ورهائجي وئي آهي؛ هاڻي هو ڏوهاري ٺهرايا ويندا: هو ان جي قربانگاهن کي ڌڪ هڻندو، هو انهن جي ٿنڀن کي خراب ڪندو.
3
هاڻي هو ضرور چوندا تہ اسان جو ڪو بادشاهہ ڪونهي: ڇالاءِ جو اسين خداوند کان نٿا ڊڄون؛ ۽ بادشاهہ اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟
4
هو اجايون ڳالهيون ٿا ڪن، انجامن ڪرڻ مهل هو ڪوڙا قسم ٿا کڻن: تنهنڪري ٻنيءَ جي کيڙين ۾ ڪَڙي ٻوٽي وانگي سزا ڦٽي نڪرندي.
5
سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي.
6
هو اسور جي بادشاهہ يارب وٽ نذراني طور پيش ڪيا ويندا: افرائيم کي خواري حاصل ٿيندي، ۽ اسرائيل خود پنهنجي صلاح مصلحت کان شرمندو ٿيندو.
7
باقي سامريہ سو انهي جو بادشاهہ ائين وڍجي ويو آهي، جيئن پاڻيءَ تي گجي.
8
آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو.
9
اي اسرائيل، تو جبعہ جي ڏينهن کان وٺي گناهہ پئي ڪيا آهن: هو اُتي بيٺا رهيا، انهي لاءِ تہ بدڪاريءَ جي ٻارن تائين لڙائي نہ اچي پهچي؟
10
جڏهن منهنجي مرضي ٿيندي، تڏهن آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس؛ ۽ جڏهن هو پنهنجن ٻن گناهن جي لاءِ ٻڌا ويندا، تڏهن قومون ساڻن وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون.
11
۽ افرائيم هڪڙي گابي آهي جا هيرائي ويئي آهي، ۽ جا اَن ڳاهڻ پسند ٿي ڪري؛ پر مون انهي جي سهڻي ڳچيءَ تي سزا وڌي آهي؛ ۽ آءٌ افرائيم تي هڪڙو سوار ويهاريندس. يهوداہ هر کيڙيندو، يعقوب انهي جا ڀتر ڀڃندو.
12
اوهين پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو، تہ رحم موافق لڻو؛ پنهنجي غير آباد زمين کيڙيو: ڇالاءِ جو خداوند کي ڳولڻ جو هي وقت آهي، جيستائين هو اچي، ۽ اوهان تي سچائيءَ جو مينهن وسائي.
13
اوهان شرارت جا هر ڏنا آهن، ۽ بدڪاري لڻي اٿوَ؛ اوهان ڪوڙ جو ڦر کاڌو آهي، ڇالاءِ جو توکي پنهنجي رستي تي، ۽ پنهنجن زور وارن ماڻهن جي گهڻائي تي ڀروسو هو.
14
تنهن ڪري تنهنجي قوم ۾ گڙٻڙ ٿيندي، ۽ تنهنجا سڀ قلعا لٽجي ويندا، جيئن شلمن، بيت اربيل کي جنگ جي ڏينهن ڦريو لٽيو هو: ماءُ ٻارن سميت هيٺ اُڇلائي ٽڪر ٽڪر ڪئي ويندي.
15
ساڳيءَ طرح بيت ايل ۾ بہ اوهان جي شرارت ڪري اوهان سان ڪيو ويندو: پرهہ ڦٽيءَ مهل اسرائيل جو بادشاهہ قتل ڪيو ويندو.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14