bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Joshua 1
Joshua 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 2 →
1
خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي وفات کان پوءِ موسيٰ جي خادم يشوع ولد نون سان خداوند ڳالهايو.
2
کيس چيائين تہ ”منهنجو ٻانهو موسيٰ مري ويو آهي. هاڻي تون ۽ هيءَ سڄي قوم تيار ٿيو ۽ اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان ملڪ ۾ وڃو جيڪو آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان.
3
جنهن جنهن جاءِ تي اوهان سڀني جو پير پوندو سا آءٌ اوهان کي ڏيندس، جيئن مون موسيٰ سان واعدو ڪيو هو.
4
اوهان جون سرحدون ڏکڻ ۾ بيابان تائين، اتر ۾ لبناني جبلن جي قطار تائين، اوڀر ۾ حتين جي سڄي ملڪ سميت وڏي نديءَ فرات تائين ۽ اولهہ ۾ ڀُونوِچ سمنڊ تائين ٿينديون.
5
تنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگھندو. جيئن آءٌ موسيٰ سان هئس، تيئن تو سان بہ هوندس. آءٌ تو کي نڪي نااميد ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس.
6
مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون ئي هنن ماڻهن کي اهو ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ وٺي ويندين جنهن جي ڏيڻ بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.
7
تون رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿيءُ. ان سڄيءَ شريعت تي ڌيان سان عمل ڪر جيڪا مون پنهنجي ٻانهي موسيٰ معرفت ڏني. انهيءَ کان ذرو بہ ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦر، تہ جيئن جيڏانهن بہ تون وڃين تيڏانهن ڪامياب ٿئين.
8
اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان لهڻ نہ گھرجي. رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪندو رهہ ۽ جيڪي منجھس لکيل آهي تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪر. تڏهن ئي تون خوشحال ۽ ڪامياب ٿيندين.
9
ڏس، مون تو کي حڪم ڪيو آهي تہ مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ. نڪي ڊڄ نڪي بيهمت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ جيڏانهن بہ تون ويندين تيڏانهن آءٌ خداوند تنهنجو خدا تو سان گڏ هوندس.“
10
پوءِ يشوع بني اسرائيل جي اڳواڻن کي حڪم ڏنو تہ
11
”اوهين خيميگاهہ جي وچان لنگھندي ماڻهن کي هي حڪم ڏيو تہ ’اوهين پنهنجي لاءِ سيڌو سامان تيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ٽن ڏينهن کان پوءِ اسين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هلنداسون جيڪو خداوند اسان کي ميراث ڪري ڏيڻ وارو آهي.‘“
12
پوءِ يشوع بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي چيو تہ
13
” خداوند جي ٻانهي موسيٰ جنهن ڳالهہ جو اوهان کي حڪم ڏنو هو سا ياد ڪريو. اُها هيءَ هئي تہ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اورينءَ ڀر وارو علائقو ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين منجھس آرام سان رهو.
14
سو اوهان جون زالون، ٻار ۽ چوپايو مال ڀلي هن ئي علائقي ۾ رهن. پر اوهان مان سڀيئي جنگي جوان پنهنجي قوم وارن جي اڳيان هٿيار ٻڌي هن پار ڪنعان ڏانهن وڃن ۽ اتي پنهنجي ڀائرن جي ايستائين مدد ڪن،
15
جيستائين خداوند اوهان جو خدا انهن کي بہ آرام سان رهائي جيئن اوهان کي رهايو اٿس، يعني جيستائين هو انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪن جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏيڻ وارو آهي. تنهن کان پوءِ اهي ڀلي موٽي اچي هتي اردن درياءَ جي اوڀر طرف پنهنجي علائقي ۾ رهن، جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي ڏنو آهي.“
16
تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏني تہ ”توهان جيئن اسان کي حڪم ڏنو آهي تيئن اسين ڪنداسين ۽ جيڏانهن توهين اسان کي موڪليندا تيڏانهن وينداسين.
17
جهڙيءَ طرح اسان هر ڳالهہ ۾ موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي هئي تهڙيءَ طرح توهان جي بہ فرمانبرداري ڪنداسين. رڳو خداوند توهان جو خدا توهان سان هجي، جيئن موسيٰ سان هو.
18
جيڪو توهان جي حڪم جي خلاف بغاوت ڪندو يا توهان جي ڪنهن بہ حڪم کي نہ مڃيندو سو ماريو ويندو. توهين رڳو مضبوط ۽ همت وارا ٿيو.“
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24