bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Joshua 2
Joshua 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 3 →
1
پوءِ يشوع شطيم وٽان خيميگاهہ مان ٻہ ماڻهو جاسوس ڪري موڪليا. هن کين چيو تہ ”اوهين ڳجھيءَ طرح وڃي ڪنعان ملڪ جي، خاص طور تي يريحو شهر مان جاچ لهي اچو.“ تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ يريحو شهر ۾ آيا. اتي هو راحب نالي هڪ ڪسبياڻيءَ جي گھر ۾ وڃي رات رهيا.
2
يريحو شهر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ”اڄ رات بني اسرائيل جا ڪي ماڻهو جاسوسي ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهن.“
3
سو بادشاهہ راحب ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيڪي ماڻهو تنهنجي گھر ۾ آيا آهن تن کي آڻي حاضر ڪر، ڇاڪاڻ تہ هو هن سڄي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ آيا آهن.“
4
جيتوڻيڪ اهي وٽس اڃا رهيل هئا، تنهن هوندي بہ هن بادشاهہ جي ماڻهن کي وراڻيو تہ ”مون وٽ ٻہ ماڻهو برابر آيا هئا، پر مون کي خبر نہ آهي تہ ڪٿان جا هئا ۽ ڪيڏانهن ويا. هو رات جو شهر جي دروازي بند ٿيڻ وقت هتان هليا ويا. اوهين جيڪڏهن جلدي انهن جو پيڇو ڪندا تہ هنن کي وڃي پهچندا.“ پر راحب تہ انهن ٻنهي کي گھر جي ڇت تي وٺي وڃي کين سڻيءَ جي ڪاٺين ۾ لڪايو هو، جيڪي هن اتي ٺاهي جوڙي رکيون هيون.
7
تڏهن بادشاهہ جا ماڻهو اردن درياءَ جي گھير تائين انهن جاسوسن جي ڳولا ۾ نڪتا. جيئن ئي هو شهر کان ٻاهر نڪتا تيئن شهر جو دروازو بند ڪيو ويو.
8
انهيءَ کان اڳي جو جاسوس سمهي پون، راحب ڇت تي وٽن ويئي
9
۽ کين چيائين تہ ”مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اوهان جو ڊپ اسان تي ايترو تہ وٺي ويو آهي جو هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان بني اسرائيل جي خوف کان هيسجي ويا آهن.
10
اسان ٻڌو آهي تہ جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن ڪهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو هو. اسان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اوهان اردن درياءَ جي اوڀر طرف امورين جي ٻن بادشاهن، سيحون ۽ عوج جون ڪيئن پاڙون پٽي ڇڏيون.
11
جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جو ساهہ ئي سڪي ويو ۽ اوهان جي سببان اسان مان هر ڪو همت هاري ويٺو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا ئي مٿي آسمان جو ۽ هيٺ زمين جو خدا آهي.
12
سو هاڻي مهرباني ڪري انهيءَ خداوند جو مون سان قسم کڻو تہ جهڙو مهربانيءَ وارو سلوڪ مون اوهان سان ڪيو آهي تهڙو ئي سلوڪ اوهين بہ منهنجي اباڻي گھر سان ڪندا. تنهن لاءِ مون کي ڪا اعتبار جوڳي نشاني ڏيو،
13
تہ اوهين منهنجي پيءُ، ماءُ، ڀائرن، ڀينرن ۽ انهن سڀني جي ڪٽنبن کي جيئرو ڇڏي ڏيندا ۽ اسان کي موت کان بچائيندا.“
14
تڏهن انهن وراڻيس تہ ”شل خدا اسان جي جان وٺي جيڪڏهن اسين ائين نہ ڪريون جيئن چئون ٿا. جيڪڏهن تون اسان جي هيءَ ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ پوءِ جڏهن خداوند اسان کي هي ملڪ ڏيندو تڏهن اسين تو سان مهربان ۽ وفادار رهنداسين.“
15
پوءِ راحب دريءَ مان رسي تي هنن کي هيٺ لاٿو، ڇاڪاڻ تہ جنهن گھر ۾ هوءَ رهندي هئي سو ڪوٽ جي ديوار منجھہ هو.
16
هن کين چيو هو تہ ”اوهين جبلن ڏانهن هليا وڃجو، متان اوهان جو پيڇو ڪندڙ بادشاهہ جا ماڻهو اوهان کي ڏسي وٺن. اتي اوهين ٽي ڏينهن لڪي پئجو، جيستائين اهي پيڇو ڪندڙ موٽي اچن. تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي پنهنجو رستو وٺي هليا وڃجو.“
17
تڏهن انهن ماڻهن راحب کي چيو تہ ”هي جيڪو واعدو تو اسان کان ورتو آهي سو اسين پورو ڪنداسين.
18
تنهن لاءِ تو کي هي ڪرڻو آهي جو جڏهن اسين هن ملڪ ۾ داخل ٿيون، تڏهن جنهن دريءَ مان تون اسان کي هيٺ لاهين ٿي، تنهن ۾ تون هيءَ لال ڳاڙهي رنگ جي ڏوري ٻڌي ڇڏجانءِ ۽ تون پنهنجي پيءُ، ماءُ، ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي کي پنهنجي گھر ۾ آڻي گڏ ڪجانءِ.
19
جيڪو بہ تنهنجي گھر مان نڪري ٻاهر ايندو تہ انهيءَ جو خون انهيءَ مٿان هوندو ۽ اسان جي جوابداري نہ رهندي، پر تنهنجي گھر اندر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجھہ ٿيو تہ اها اسان جي جوابداري هوندي.
20
پر جيڪڏهن تو اسان جي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي تہ پوءِ جيڪو واعدو تو اسان کان ورتو آهي تنهن کان اسين آجا رهنداسين.“
21
راحب انهن جي اها ڳالهہ مڃي. پوءِ جڏهن راحب انهن کي روانو ڪيو تنهن کان پوءِ هن اها لال ڳاڙهي رنگ جي ڏوري دريءَ ۾ ٻڌي ڇڏي.
22
اهي ٻيئي جاسوس اتان جبلن ڏانهن هليا ويا ۽ ٽي ڏينهن اتي پاڻ کي لڪايائون. سندن پيڇو ڪندڙن هنن کي سڀني رستن تي ڳوليو پر کين لهي نہ سگھيا، سو اهي شهر ڏانهن خالي هٿين موٽي آيا.
23
تڏهن ٻيئي جاسوس جبلن تان لهي، نديءَ جي گھير وٽان ٽپي يشوع ولد نون وٽ موٽي آيا ۽ جيڪي ساڻن وهيو واپريو هو سو سڀ کيس ٻڌايائون.
24
هنن يشوع کي وڌيڪ چيو تہ ”پڪ سان خداوند اهو سڄو ملڪ اسان کي ڏيئي ڇڏيو آهي. اتان جا سڀ رهاڪو اسان جي خوف کان هيسجي ويا آهن.“
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24