bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Joshua 20
Joshua 20
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 21 →
1
پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ
2
”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جن پناهہ جي شهرن بابت مون موسيٰ جي معرفت اوهان کي چيو هو سي مقرر ڪريو.
3
اهو انهيءَ لاءِ تہ جيڪو اتفاق سان يا بناارادي ڪنهن کي ماري وجھي، سو اوڏانهن ڀڄي وڃي خون جي بدلي وٺڻ واري کان پناهہ ۾ رهي.
4
جڏهن هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي تڏهن شهر جي ٻاهرين دررازي تي بيهي انهيءَ شهر جي اڳواڻن کي پنهنجو احوال ٻڌائي. پوءِ هو انهيءَ کي شهر اندر وٺي وڃن ۽ اتي رهڻ لاءِ کيس هڪڙي جاءِ ڏين.
5
جيڪڏهن خون جي بدلي وٺڻ وارو سندس پيڇو ڪري اچي اتي پهچي تہ شهر جا ماڻهو خونيءَ کي انهيءَ جي حوالي نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ هن اهو خون بناارادي ڪيو هو ۽ مقتول سان اڳ ۾ سندس ڪابہ دشمني ڪانہ هئي.
6
پوءِ هو تيستائين انهيءَ شهر ۾ رهي جيستائين هن جي کُلي عدالت نہ ٿئي ۽ هو بيڏوهي ثابت نہ ٿئي. تنهن بعد هو انهيءَ شهر ۾ ئي رهي، جيستائين انهيءَ وقت وارو سردار ڪاهن نہ مري. ان کان پوءِ هو ڀلي پنهنجي گھر انهيءَ شهر ڏانهن موٽي وڃي جتان هو ڀڄي نڪتو هو.‘“
7
سو هنن اردن درياءَ جي اولهہ طرف هي پناهہ جا شهر مقرر ڪيا: نفتاليءَ واري جابلو علائقي جي گليل واري حصي ۾ قادس شهر، افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر، يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريتاربع يعني حبرون شهر.
8
اردن درياءَ جي اوڀر طرف يريحو شهر جي اوڀر واري بياباني ميدان ۾ روبن جي علائقي ۾ بصر شهر، جد قبيلي واري علائقي جِلعاد ۾ رامہ شهر، منسيءَ قبيلي واري علائقي بسن ۾ جولان شهر.
9
هي آهن اُهي پناهہ جا شهر، جيڪي بني اسرائيل ۽ منجھن رهندڙ ڌارين لاءِ مقرر ڪيا ويا. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اتفاق سان ماري وجھي سو اوڏانهن ڀڄي وڃي خون جي بدلي وٺڻ واري کان پناهہ ۾ رهي ۽ تيستائين کيس نہ ماريو وڃي، جيستائين سندس کُلي عدالت نہ ٿئي.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24