bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Joshua 14
Joshua 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 15 →
1
هي اُهي علائقا آهن جيڪي بني اسرائيل کي ڪنعان جي ملڪ ۾ ورثي طور مليا. اُهي علائقا اليعزر ڪاهن ، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کين ورهائي ڏنا.
2
سندن اهو ورثو ڪڻن جي ذريعي انهن ساڍن نون قبيلن کي ورهائي ڏنو ويو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو.
3
موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.
5
جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو ۽ زمين ورهايائون.
6
پوءِ بني يهوداہ قبيلي جا ڪي ماڻهو جِلجال ۾ يشوع وٽ آيا. انهن مان ڪالب بن يفنہ قنزيءَ کيس چيو تہ ”توهان کي خبر آهي تہ قادشبرنيع ۾ مردِخدا موسيٰ کي منهنجي ۽ توهان جي باري ۾ خداوند ڇا فرمايو هو.
7
انهيءَ وقت منهنجي عمر چاليهہ سال هئي جڏهن خداوند جي ٻانهي موسيٰ مون کي قادشبرنيع مان هن ملڪ جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مون موٽي اچي کيس صحيح صحيح خبر ڏني هئي.
8
منهنجا همقوم ڀائر جيڪي مون سان گڏ هليا هئا تن تہ ماڻهن جون دليون ئي ڏڪائي ڇڏيون هيون، پر مون خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪئي.
9
تڏهن انهيءَ ڏينهن موسيٰ قسم کڻي مون کي چيو تہ ’جيڪا زمين تو لتاڙي آهي سا ضرور تو ۽ تنهنجي اولاد لاءِ هميشہ جو ورثو ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ تو خداوند منهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪئي آهي.‘
10
انهيءَ کي پنجيتاليهہ سال گذري ويا آهن جڏهن خداوند اِها ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي. اهو تڏهن ٿيو جڏهن بني اسرائيل اڃا بيابان ۾ رلندا ٿي رهيا. تنهن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي واعدي موجب مون کي جيئرو رکيو آهي. هاڻ ڏس، اڄ منهنجي عمر پنجاسي سال آهي.
11
اڄ بہ آءٌ اهڙو ئي مضبوط آهيان جهڙو انهيءَ ڏينهن هئس، جنهن ڏينهن موسيٰ مون کي موڪليو هو. اڄ بہ مون کي جنگ لاءِ يا ڪنهن بہ ڪم ڪرڻ لاءِ اهڙي ئي طاقت آهي جهڙي اڳي هئي.
12
تنهنڪري هاڻي مون کي اهو جابلو علائقو ڏي جنهن جو خداوند انهيءَ ڏينهن مون سان واعدو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن توهان ٻڌو هو تہ اتي عناق جو راڪاس جهڙو اولاد رهي ٿو ۽ اتي جا شهر وڏا ۽ قلعن وارا آهن. خداوند منهنجي مدد ڪئي تہ پوءِ آءٌ انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندس، جيئن خداوند فرمايو آهي.“
13
تڏهن يشوع ڪالب کي دعا ڪئي ۽ حبرون شهر کيس ورثي طور ڏنائين.
14
تنهنڪري حبرون شهر اڄ ڏينهن تائين ڪالب ولد يفنہ قنزيءَ جي اولاد جي ملڪيت آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي حڪمن جي پوريءَ طرح پيروي ڪئي.
15
حبرون شهر کي اڳي قريتاربع، اربع نالي ماڻهوءَ جي نالي پٺيان سڏيو ويندو هو، جيڪو عناق جي راڪاس جهڙي اولاد ۾ سڀ کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24