bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Joshua 21
Joshua 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 22 →
1
اليعزر ڪاهن ، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جي گھراڻن جي وڏن وٽ لاوي گھراڻن جا وڏا آيا.
2
اتي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ انهن کي چيائون تہ ” خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو تہ اسان کي رهڻ لاءِ شهر ۽ اسان جي چوپائي مال جي چاري لاءِ آسپاس جا چراگاهہ ڏنا وڃن.“
3
تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب لاوين کي پنهنجي ورثي مان هي شهر ۽ چراگاهہ ڏنا:
4
پهريون ڪُڻو بني قهات لاءِ سندن گھراڻن موجب هن حصي تي پيو. لاوي جيڪي قهات جي نسل مان هارون ڪاهن جو اولاد هئا تن کي يهوداہ قبيلي، شمعون قبيلي ۽ بنيامين قبيلي مان تيرهن شهر مليا.
5
باقي بچيل بني قهات کي افرائيم قبيلي، دان قبيلي ۽ منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي جي گھراڻن مان ڏهہ شهر مليا.
6
بني جيرشون کي اِسڪار قبيلي، آشر قبيلي، نفتالي قبيلي ۽ بسن واري منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي جي گھراڻن مان تيرهن شهر مليا.
7
بني مراريءَ کي سندن گھراڻن موجب روبن، جد ۽ زبولون قبيلن مان ٻارهن شهر مليا.
8
اهڙيءَ طرح بني اسرائيل لاوين کي ڪڻن جي ذريعي اهي شهر ۽ آسپاس وارا چراگاهہ ڏنا، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو.
9
پهريون ڪُڻو بني قهات گھراڻن مان هارون جي اولاد جي حصي تي پيو. بني اسرائيل کين يهوداہ ۽ شمعون قبيلن مان جيڪي شهر ڏنا سي هي هئا.
11
هنن کي يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريتاربع يعني حبرون شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت ڏنو ويو. اربع بني عناق جو وڏو هو.
12
پر انهيءَ شهر جي آسپاس واريون ٻنيون ۽ ڳوٺ هنن يفنہ جي پٽ ڪالب کي ملڪيت ڪري ڏنا.
13
حبرون، جيڪو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، سو ۽ ان جي آسپاس جي چراگاهن کان علاوہ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن هي شهر بہ ڏنا: لبناہ،
14
يتير، استموع،
15
حولون، دبير،
16
عين، يوطہ، بيتشمس ۽ پڻ انهن سڀني شهرن جي آسپاس جا چراگاهہ. انهن ٻنهي قبيلن يعني يهوداہ ۽ شمعون مان مليل ڪل نَوَ شهر هئا.
17
بنيامين جي قبيلي مان کين هي شهر ڏنائون: جِبعون، جِبع،
18
عنتوت ۽ علمون ۽ پڻ انهن سڀني شهرن جي آسپاس جا چراگاهہ. اهي ڪل چار شهر کين ڏنا ويا.
19
سو هارون جو اولاد، جيڪي ڪاهن هئا تن کي ڪل تيرهن شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت ڏنا ويا.
20
لاوي قبيلي مان باقي بچيل بني قهات جي گھراڻن کي افرائيم قبيلي مان
21
هي چار شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت ڏنا ويا: افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، جزر،
22
قبضيم ۽ بيتحورون.
23
دان قبيلي مان کين هي چار شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت ڏنا ويا: التقيہ، جِبتون،
24
ايالون ۽ جاترمون.
25
اولهہ واري منسيءَ جي اڌ قبيلي مان کين هي ٻہ شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت ڏنا ويا: تعناڪ ۽ جاترمون.
26
اهي ڏهہ شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت بني قهات جي باقي گھراڻن کي مليا.
27
لاوي قبيلي جي بني جيرشون گھراڻن کي اوڀر واري منسيءَ جي اڌ قبيلي مان هي ٻہ شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت مليا: بسن جي علائقي ۾ جولان جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو ۽ بعستراہ.
28
اِسڪار قبيلي مان کين هي چار شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت مليا: قسيون، دبرت،
29
يرموت ۽ عينجنيم.
30
آشر قبيلي مان کين هي چار شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت مليا: مسال، عبدون،
31
خلقت ۽ رحوب.
32
نفتالي قبيلي مان کين هي ٽي شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت مليا: گليل علائقي ۾ قادس جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، حماتدور ۽ قرتان.
33
ڪل تيرهن شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت بني جيرشون جي گھراڻن کي مليا.
34
باقي رهيل لاوين مان بني مراريءَ جي گھراڻن کي زبولون قبيلي مان هي چار شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت مليا: يقنعام، قرتاہ،
35
دمنہ ۽ نهلال.
36
روبن قبيلي مان کين هي چار شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت مليا: بصر، يهصہ،
37
قديمات ۽ مفعت.
38
جد قبيلي مان کين هي چار شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت جِلعاد علائقي ۾ مليا: رامات، جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، محنايم،
39
حشبون ۽ يعزير.
40
اهي ٻارهن شهر لاوي قبيلي جي بني مراريءَ گھراڻن کي مليا.
41
بني اسرائيل کي مليل علائقن مان لاوين کي جملي اٺيتاليهہ شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت ڏنا ويا.
43
سو خداوند بني اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو جنهن جي ڏيڻ جو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين. اُهو هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو انهيءَ ۾ رهڻ لڳا.
44
خداوند هنن کي هر طرف کان آرام ڏنو، جيئن هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. سندن سڀني دشمنن مان ڪو هڪڙو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگھيو، ڇو تہ خداوند کين سندن سڀني دشمنن تي فتح ڏني.
45
خداوند بني اسرائيل سان اهي سڀ ئي چڱا واعدا پورا ڪيا جيڪي هن ساڻن ڪيا هئا.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24