bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Joshua 5
Joshua 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 6 →
1
امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.
2
تنهن وقت خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”تون چقمقي پٿر جا چاقو ٺهراءِ ۽ بني اسرائيل جو نئين نسل جو طهر ڪراءِ.“
3
يشوع ائين ئي ڪيو. هن چقمق پٿر جا چاقو ٺهرايا ۽ طهر وارين کلڙين جي ٽڪريءَ تي بني اسرائيل جو طهر ڪرايو.
4
يشوع ائين انهيءَ ڪري ڪيو جو اُهي سڀيئي جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪري آيا هئا سي سڀ مصر مان نڪرڻ کان پوءِ بيابان ۾ واٽ تي ئي مري ويا هئا.
5
اهي سڀ طهريل هئا پر جيڪي ماڻهو مصر مان نڪرڻ کان پوءِ واٽ تي بيابان ۾ ڄاوا هئا، تن جو طهر نہ ٿيو هو.
6
بني اسرائيل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ پئي رليا ۽ انهيءَ عرصي دوران اهي سڀ جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪتا هئا سي مري کپي ويا، ڇو تہ هنن خداوند جي نافرماني ڪئي هئي. خداوند بہ ساڻن قسم کنيو تہ جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي سو کين ڏسڻ بہ ڪين ڏيندو.
7
انهن جي پٽن جو طهر، جن کي خدا سندن جاءِ تي قائم ڪيو هو، رستي ۾ نہ ٿيو هو، سو يشوع انهي نئين نسل جو طهر ڪيو.
8
جڏهن سڀني ماڻهن جو طهر ٿي چڪو، تنهن کان پوءِ جيستائين هو سڀ ڇٽي چڱا ڀلا نہ ٿيا تيستائين هو خيميگاهہ ۾ ئي رهيا.
9
پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ”اڄ مون مصر جي غلاميءَ واري ملامت اوهان تان لاهي ڇڏي آهي.“ اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ هنڌ کي جِلجال جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
10
جيئن تہ بني اسرائيل جِلجال ۾ منزل ڪيو ويٺا هئا، سو هنن اتي ئي يريحو شهر جي ميدان ۾ انهيءَ مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو عيد فصح ملهائي.
11
عيد فصح جي ٻئي ڏينهن تي هنن پهريون دفعو انهيءَ ملڪ ڪنعان جي پيداوار يعني ڀڳل جَوَ ۽ بيخميريون مانيون کاڌيون.
12
انهيءَ ملڪ جي پيداوار کائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي مَنَ ڪرڻ بند ٿي ويئي ۽ بني اسرائيل کي اڳتي مَنَ ڪانہ ملي. انهيءَ سال کان وٺي هنن ڪنعان جي پيداوار مان کاڌو.
13
يشوع جڏهن يريحو شهر جي ويجھو اچي پهتو تہ اوچتو ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار ڪڍيو بيٺو آهي. يشوع وٽس ويو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون اسان جي طرف آهين يا اسان جي دشمنن جي طرف؟“
14
هن وراڻيو تہ ”ڪنهن جي بہ طرف نہ. آءٌ هتي هينئر خداوند جي لشڪر جو سپهہسالار ٿي آيو آهيان.“ تڏهن يشوع کيس تعظيمي سجدو ڪيو ۽ چيائينس تہ ”آقا! مون ٻانهي جي لاءِ اوهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“
15
تڏهن خداوند جي لشڪر جي سپهہسالار کيس چيو تہ ”پنهنجي پيرن مان جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا پاڪ آهي.“ سو يشوع ائين ئي ڪيو.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24