bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Joshua 6
Joshua 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 7 →
1
يريحو شهر جا دروازا بني اسرائيل جي خوف سبب وڏي مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويا هئا. نہ تہ ڪو شهر کان ٻاهر ٿي آيو ۽ نہ ئي وري ڪو اندر ٿي ويو.
2
پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ يريحو شهر، انهيءَ جي بادشاهہ ۽ جنگي جوانن سميت تنهنجي هٿ ۾ ڏيان ٿو.
3
تون پنهنجي سڀني جنگي جوانن سميت ڇهن ڏينهن تائين لڳاتار ڏينهن ۾ هڪ دفعو شهر جي چوڌاري ڦيرو ڪر.
4
ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گھٽن جي سڱن جون ست نفيلون کڻي هلن. ستين ڏينهن تي اوهين شهر کي چوڌاري ست ڦيرا ڏجو ۽ ڪاهن نفيلون وڄائيندا هلن.
5
پوءِ هو نفيلن سان هڪڙو ڊگھو آواز ڪن. جيئن ئي اوهين اهو ٻڌو تيئن سڀ هڪ وڏو واڪو ڪجو، تہ شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پوندو. پوءِ هر ڪو ڄڻو پنهنجي نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پوي.“
6
سو يشوع ڪاهنن کي سڏايو ۽ کين چيائين تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ اوهان مان ست ڪاهن هڪ هڪ نفيل کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلن.“
7
پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اڳتي وڌو ۽ شهر جي چوڌاري ڦري اچو. جيڪي هٿياربند ماڻهو آهن سي خداوند جي صندوق جي اڳيان ٿي هلن.“
8
سو جيئن يشوع ماڻهن کي چيو تيئن ست ڪاهن نفيلون کڻي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان وڄائيندا هليا.
9
هٿياربند ماڻهو نفيلون وڄائيندڙ ڪاهنن جي اڳيان ٿي هليا ۽ باقي ماڻهو صندوق جي پٺيان لڳا آيا. اهو سمورو وقت نفيلون لڳاتار وڄنديون رهيون.
10
يشوع ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين واڪا نہ ڪجو ۽ نہ ڏاڍيان ڳالهائجو، مطلب تہ جنهن ڏينهن تائين آءٌ اوهان کي واڪا ڪرڻ لاءِ نہ چوان، تنهن ڏينهن تائين اوهان جي واتان ڪوبہ آواز نہ نڪري. پوءِ اوهين واڪا ڪجو.“
11
اهڙيءَ طرح يشوع خداوند جي صندوق کي شهر جي چوڌاري هڪڙو ڀيرو گھمرايو. پوءِ هو سڀ خيميگاهہ ۾ موٽي آيا ۽ رات اتي گذاريائون.
12
ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.
13
ست ئي ڪاهن نفيلون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان وڄائيندا هليا. هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا ۽ باقي ٻيا ماڻهو خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا. اهو سمورو وقت نفيلون لڳاتار وڄنديون رهيون
14
۽ پهرئين ڏينهن وانگر وري بہ هنن هڪڙو ڀيرو شهر کي ڦيرو ڏنو ۽ پوءِ موٽي خيميگاهہ ۾ آيا. اهڙيءَ طرح ڇهن ڏينهن تائين هو ائين ئي ڪندا رهيا.
15
ستين ڏينهن تي هو پرهہڦٽيءَ مهل اٿيا ۽ ساڳيءَ طرح هو شهر جي چوڌاري ڦريا. پر انهيءَ ڏينهن تي هو شهر جي چوڌاري ست ڀيرا ڦري آيا.
16
ستين ڀيري ڦرندي جڏهن ڪاهن نفيلن مان هڪڙو وڏو آواز ڪڍڻ وارا هئا، تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”واڪا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هي شهر اوهان کي ڏنو آهي.
17
شهر ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي سو سڀ خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ لاءِ مخصوص آهي. رڳو راحب ڪسبياڻي ۽ اُهي سڀ جي ساڻس گھر ۾ گڏ آهن، سي ئي جيئرا ڇڏيا ويندا، ڇو تہ هن اسان جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ لڪايو هو.
18
پر اوهين خداوند جي راهہ ۾ انهن فنا ڪرڻ وارين مخصوص شين کان پاڻ کي پري رکجو، متان انهن مان ڪا شيءِ کڻي پاڻ تي ۽ بني اسرائيل جي خيميگاهہ تي تباهي آڻيو.
19
سموري چاندي، سون ۽ اُهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل آهن سي خداوند لاءِ مخصوص آهن. اهي خداوند جي خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا.“
20
جڏهن ماڻهن نفيلن جو ڊگھو آواز ٻڌو ۽ وڏي آواز سان وٺي واڪا ڪيائون، تڏهن شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پيو. پوءِ ماڻهو نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پيا ۽ اهو وڃي هٿ ڪيائون.
21
هنن شهر اندر سڀني مردن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن کي تلوار جي ڌار سان فنا ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو ڳائومال، رڍون ۽ گڏهہ بہ ماريائون.
22
پوءِ جيڪي ٻہ ماڻهو اوڏانهن جاسوسي ڪرڻ لاءِ ويا هئا تن کي يشوع چيو تہ ”اوهين ان ڪسبياڻيءَ جي گھر وڃو ۽ پنهنجي کنيل قسم موجب اتان انهيءَ عورت کي ۽ جيڪي وٽس رهيل آهن، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍي اچو.“
23
سو اُهي جوان ماڻهو جن جاسوسي ڪئي هئي سي اندر ويا ۽ راحب کي سندس پيءُ، ماءُ، ڀائرن کي ۽ جيڪي وٽس رهيل هئا، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍي آيا. هنن انهيءَ جا سڀ مٽ مائٽ آڻي بني اسرائيل جي خيميگاهہ جي ٻاهر ويهاريا.
24
پوءِ هنن انهيءَ شهر کي ۽ جيڪي منجھس هو تنهن سميت باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. فقط چاندي، سون ۽ اهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل هئا سي خداوند جي گھر جي خزاني ۾ جمع ڪيائون.
25
پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ، انهيءَ جي پيءُ جي گھراڻي ۽ جيڪي مٽ مائٽ وٽس هئا تن سڀني کي جيئرو ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ماڻهو يشوع يريحو شهر جي جاسوسيءَ لاءِ موڪليا هئا تن کي هن پاڻ وٽ لڪايو هو. انهيءَ راحب ڪسبياڻيءَ جو نسل اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل ۾ رهندو اچي.
26
يشوع انهيءَ وقت قسم کڻي خبردار ڪيو تہ ”جيڪو ماڻهو هن شهر يريحو کي وري اڏڻ جي ڪوشش ڪندو، سو خداوند جي لعنت هيٺ ايندو. جيڪو انهيءَ جو بنياد وجھندو، سو وڏي پٽ تان هٿ کڻندو. جيڪو انهيءَ جا در اڏيندو، سو ننڍڙي پٽ تان هٿ کڻندو.“
27
سو خداوند يشوع سان گڏ هو ۽ سندس شهرت سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24