bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Joshua 17
Joshua 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 18 →
1
يوسف جي پهريتي پٽ منسيءَ جي قبيلي کي سندس باقي رهيل ورثو ڏنو ويو. جيئن تہ منسيءَ جو پهريتو پٽ مڪير جيڪو جِلعاد جو پيءُ هو تنهن جي قبيلي کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف جِلعاد ۽ بسن وارا علائقا ملي چڪا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي جوڌا هئا،
2
تنهنڪري اهو اردن جو اولهہ وارو ورثو بني منسيءَ مان باقي بچيل گھراڻن جو هو، يعني بني ابيعزر، بني خلق، بني اسريايل، بني سڪم، بني حفر ۽ بني سميدع جو. اهي يوسف جي پٽ منسيءَ جو نرينہ اولاد هئا جيڪي پنهنجي گھراڻن جا وڏا هئا.
3
صلافحاد ولد حفر ولد جِلعاد ولد مڪير ولد منسيءَ کي پٽ ڪونہ هو، پر رڳو ڌيئر هئس. انهن جا نالا محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ هئا.
4
اهي اليعزر ڪاهن ، يشوع ولد نون ۽ اڳواڻن جي اڳيان اچي چوڻ لڳيون تہ ” خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ اسان کي بہ اسان جي مائٽن سان گڏ ورثو ڏنو وڃي.“ تنهنڪري خداوند جي حڪم موجب يشوع سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ هنن کي ورثو ڏنو.
5
اهو ئي سبب آهي جو منسيءَ کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف جِلعاد ۽ بسن جي زمين کان سواءِ ٻيا ڏهہ حصا مليا،
6
ڇو تہ منسيءَ قبيلي جي عورتن کي بہ مردن سان گڏ ورثو مليو. جِلعاد جي زمين منسيءَ جي اولاد مان باقي ٻين بچي ويلن کي ملي.
7
منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي کي مليل ورثي جي سرحد اتر ۾ آشر کان وٺي ڏکڻ ۾ سڪم شهر جي اوڀر طرف مڪمتاہ تائين هئي. انهيءَ کان اڳتي ڏاکڻي پاسي عينتفوح جو سڄو علائقو انهيءَ سرحد ۾ شامل هو.
8
اهڙيءَ طرح تفوح جي آسپاس واري زمين منسيءَ کي ملي هئي، پر تفوح شهر جيڪو منسيءَ جي سرحد تي هو سو بني افرائيم جي ملڪيت هو.
9
پوءِ اها سرحد ڏکڻ ۾ قاناہ جي برساتي نهر تائين ويئي. انهيءَ نهر جي ڏکڻ پاسي منسيءَ جا ڪجھہ شهر افرائيم جي علائقي ۾ هئا، جڏهن تہ حقيقت ۾ منسيءَ جي سرحد ان برساتي نهر جي اترئين پاسي کان هئي جا وڃي ڀونوچ سمنڊ تي ختم ٿي.
10
سو ڏکڻ پاسي واري زمين افرائيم جي ملڪيت هئي ۽ اتر پاسي واري زمين منسيءَ جي ملڪيت هئي. ڀونوچ سمنڊ منسيءَ جي اولهہ واري سرحد هئي. منسيءَ جي اتر واري سرحد آشر کان شروع ٿي ۽ اوڀر ۾ اِسڪار بہ سندس اتر واري سرحد هئي.
11
اِسڪار ۽ آشر جي حدن اندر هي شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت منسيءَ جي ملڪيت هئا: بيتشان، ابليعام، عيندور، تعناڪ، مجدو ۽ ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري وارو دور.
12
تہ بہ، بني منسي انهن شهرن جي رهاڪن کي اتان ڪڍي نہ سگھيا، تنهنڪري ڪنعاني اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا اچن.
13
توڙي جو جڏهن بني اسرائيل زور ورتو تڏهن بہ ڪنعانين کي بلڪل نہ ڪڍيائون، بلڪ کانئن بيگار وٺڻ لڳا.
14
بني يوسف يشوع کي چيو تہ ”توهان ڇو اسان کي زمين جو رڳو هڪڙو حصو ورثي طور ڏنو آهي؟ حالانڪ اسين هڪ وڏو قبيلو آهيون، ڇو تہ خداوند اسان ۾ برڪت وڌي آهي.“
15
يشوع کين ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن اوهين ايترا گھڻا آهيو ۽ افرائيم جو جابلو علائقو اوهان لاءِ ننڍو آهي تہ پوءِ ٻيلي ڏانهن وڃو ۽ اتي فرزين ۽ رفائين جي علائقي ۾ پنهنجي لاءِ جھنگ وڍي جاءِ ڪريو.“
16
هنن وراڻيو تہ ”اهو جابلو علائقو اسان جي لاءِ ڪافي ناهي ۽ انهيءَ ماٿريءَ واري ملڪ ۾ جيڪي ڪنعاني رهن ٿا يعني بيتشان شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن وارا ۽ يزرعيل ماٿريءَ وارا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن.“
17
پر يشوع بني يوسف جي افرائيم ۽ منسي قبيلن کي چيو تہ ”اوهين گھڻا ۽ وڏي طاقت وارا آهيو. اوهان کي رڳو هڪڙو ئي حصو نہ هوندو،
18
بلڪ اهو ٻيلي وارو جابلو علائقو بہ اوهان جو ٿيندو. انهيءَ کي وڍي صاف ڪريو ۽ انهيءَ جون ڏورانهيون حدون اوهان جون ٿينديون ۽ جيتوڻيڪ ڪنعانين وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن ۽ هو مضبوط آهن تہ بہ اوهين هنن کي ڀڄائي ڪڍندا.“
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24