bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Revelation 1
Revelation 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 2 →
1
هن ڪتاب ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاهر ڪيون. اهو مڪاشفو خدا هن کي انهيءَ لاءِ ڏنو تہ هو پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي ملائڪ جي وسيلي پنهنجي ٻانهي يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.
2
پوءِ يوحنا انهن سڀني ڳالهين جي شاهدي ڏني جيڪي هن ڏٺيون، يعني خدا جو پيغام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاهدي.
3
سڀاڳو آهي اهو جيڪو انهيءَ لکت جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اهي جيڪي ٻڌي ڪري انهيءَ ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آهي.
4
هي پيغام يوحنا جي طرفان انهن ستن ڪليسيائن ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست روح خدا جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي
5
۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح ، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي
6
۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.
7
ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.
8
خداوند خدا، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“
9
آءٌ يوحنا اوهان جو همايمان ڀاءُ، عيسيٰ جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، خدا جي بادشاهيءَ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ خدا جي پيغام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.
10
خداوند واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پاڪ روح جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم،
11
جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“
12
آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن انهيءَ کي ڏسان جنهن مون سان ٿي ڳالهايو. تڏهن ڇا ڏسان تہ ست سونا شمعدان آهن.
13
انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس.
14
انهيءَ جو مٿو ۽ وار اهڙا اڇا هئا جهڙي اڇي اُن، بلڪ جهڙو کير. سندس اکيون مشعل وانگر ٻرن پيون.
15
انهيءَ جا پير صاف پتل جهڙا هئا جيڪو ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل هجي. سندس آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو هو.
16
هن جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا ۽ وات مان هڪڙي ٻِہمنهين تکي تلوار ٿي نڪتس. سندس شڪل ٻپهريءَ جي چمڪندڙ سج جهڙي هئي.
17
جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي
18
۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.
19
سو هاڻي جيڪي ڪجھہ تون ڏسين ٿو سو سڀ لک، يعني اهي ڳالهيون جيڪي هن وقت ٿين ٿيون ۽ اهي ڳالهيون جيڪي هن کان پوءِ ٿينديون.
20
اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز هي آهي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آهن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آهن.“
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22