bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Revelation 6
Revelation 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 7 →
1
پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن گھيٽڙي انهن ستن مُهرن مان هڪ کي ٽوڙيو، تڏهن انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“
2
تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو اڇو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار وٽ تيرڪمان هو ۽ کيس هڪڙو تاج پارايو ويو. ائين هو فاتح جي حيثيت ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.
3
جڏهن گھيٽڙي ٻي مُهر ٽوڙي تہ مون ٻئي ساهواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“
4
ايتري ۾ هڪ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو باهہ جهڙو ڳاڙهو هو. ان جي سوار کي هڪ وڏي تلوار ڏيئي اهو اختيار ڏنو ويو تہ هو ڌرتيءَ تان صلح وَ سلامتي کڻي وٺي، تہ جيئن ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائين.
5
جڏهن گھيٽڙي ٽئين مُهر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساهواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو ڪارو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار جي هٿ ۾ اناج تورڻ واري تارازي هئي.
6
مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“
7
جڏهن گھيٽڙي چوٿين مُهر ٽوڙي تہ مون چوٿين ساهواري کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“
8
تڏهن ڇا ڏسان تہ پيلي رنگ جو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ جي سوار جو نالو موت آهي ۽ پاتال سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ پاتال کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ اهي جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ وحشي جانورن جي وسيلي ڌرتيءَ جي چوٿين حصي جي ماڻهن کي ماري ڇڏين.
9
جڏهن گھيٽڙي پنجين مُهر ٽوڙي، تڏهن مون قربانگاهہ جي هيٺان انهن جا روح ڏٺا، جيڪي عيسيٰ بابت خدا جي پيغام ۽ سندس شاهدي ڏيڻ تي قائم رهڻ سبب ڪُٺا ويا هئا.
10
انهن وڏي آواز سان رڙيون ڪندي تخت تي ويٺل هستيءَ کي چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا مالڪ! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رهڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“
11
تڏهن انهن مان هر هڪ کي اڇو جبو پارايو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ٻين ڀائرن ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا.“
12
جڏهن گھيٽڙي ڇهين مُهر ٽوڙي تڏهن مون ڏٺو تہ ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج پنهنجي روشني وڃائي ڄڻ ڪارو ويس ڍڪيو ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو.
13
آسمان جا تارا ڌرتيءَ تي ائين ڪري پيا، جيئن زوردار هوا ۾ انجير جو ڪچو ڦر وڻ مان ڪري پوندو آهي.
14
آسمان ائين ويڙهجي گم ٿي ويو، جيئن ويڙهوٽو ويڙهجي ٿو ۽ سڀيئي جبل ۽ ٻيٽ پنهنجي جاين تان هٽي ويا.
15
ڌرتيءَ جا بادشاهہ، حاڪم، فوجي سردار، دولتمند ۽ زورآور، غلام توڙي آزاد هر ڪو ماڻهو جبلن جي غارن ۽ ڇِپن ۾ وڃي لڪيو.
16
اهي جبلن ۽ ڇِپن کي منٿون ڪرڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو تہ جيئن تخت تي ويٺل هستيءَ جي نظر کان ۽ گھيٽڙي جي غضب کان اسين لڪي وڃون،
17
ڇاڪاڻ تہ انهن جي غضب جو زوردار ڏينهن اچي پهتو آهي. هاڻ، انهن اڳيان ڪير ٿو بيهي سگھي؟“
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22