bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Revelation 16
Revelation 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 17 →
1
پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن ملائڪن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“
2
پهرئين ملائڪ وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت کي سجدو ڪندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.
3
ٻئي ملائڪ پنهنجو پيالو سمنڊ تي هاريو تہ انهيءَ جو پاڻي مئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساهوارا مري ويا.
4
جڏهن ٽئين ملائڪ پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو.
5
ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل ملائڪ کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پاڪ هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،
6
ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“
7
ايتري ۾ مون قربانگاهہ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي خداوند ، قادرِمطلق خدا! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“
8
چوٿين ملائڪ پنهنجو پيالو سج تي هاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻهن کي باهہ سان ساڙي.
9
سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو خدا، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس تعظيم ڪن. اٽلندو هو سندس خلاف ڪفر بڪڻ لڳا.
10
پنجين ملائڪ پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي بادشاهيءَ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا
11
۽ پنهنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪندا رهيا. پر پنهنجي ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.
12
جڏهن ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏي درياءَ فرات تي هاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو. انهيءَ لاءِ تہ اهڙو رستو تيار ٿي وڃي جو اوڀر کان بادشاهہ پنهنجن لشڪرن سان ڪاهي اچن.
13
ان وقت مون ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ ڏٺا، جيڪي ازدها جي وات مان، پهرئين حيوان جي وات مان ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان نڪتا.
14
اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.
15
انهيءَ ڪري خداوند عيسيٰ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“
16
پوءِ انهن ناپاڪ روحن بادشاهن کي انهيءَ هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ هرمجدون ٿا چون.
17
جڏهن ستين ملائڪ پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“
18
انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي.
19
زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.
20
سڀيئي ٻيٽ غائب ٿي ويا ۽ جبلن جو نالو نشان بہ ڪونہ رهيو.
21
ماڻهن تي آسمان مان وڏا وڏا ڳڙا وسيا، جن مان هر هڪ جو وزن اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هو. انهن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻهو خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ اها آفت ڏاڍي سخت هئي.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22