bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Revelation 11
Revelation 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 12 →
1
پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي هيڪل ۽ ان جي قربانگاهہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ.
2
پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون.
3
آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“
4
اهي ٻہ شاهد ٻہ زيتون جا وڻ ۽ ٻہ شمعدان آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي مالڪ جي حضور ۾ بيٺا آهن.
5
جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.
6
انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.
7
پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وڌائين.
8
سندن لاش انهيءَ وڏي شهر جي سڙڪ تي پيا رهيا، جتي انهن جي خداوند کي صليب تي چاڙهيو ويو هو. انهيءَ شهر کي علامتي طور سدوم ۽ مصر سان ڀيٽي سگھجي ٿو.
9
انهن جي لاشن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين منجھان ڪجھہ ماڻهو ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهيا ۽ کين دفن ٿيڻ نہ ڏنائون.
10
ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.
11
اِنهن ساڍن ٽن ڏينهن کان پوءِ خدا انهن شاهدن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اهي اُٿي کڙا ٿيا. جيڪي کين ڏسي رهيا هئا، تن کي ڏاڍي دهشت وٺي ويئي.
12
ان وقت خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن شاهدن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آسمان ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا.
13
انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.
14
ائين ٻي مصيبت بہ لنگھي ويئي. هاڻ ٽين مصيبت جلد اچڻ واري آهي.
15
جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ” دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“
16
پوءِ اهي چوويهہ بزرگ جيڪي خدا جي اڳيان پنهنجي پنهنجي تخت تي ويٺا هئا، سي منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري
17
چوڻ لڳا تہ ”اي خداوند ، قادرِمطلق خدا! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا آڻيون ٿا، ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪرڻ لڳو آهين.
18
قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا ٻانها، يعني تو خدا جو پيغام ڏيندڙ ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پاڪ ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“
19
پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22