bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Revelation 9
Revelation 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 10 →
1
جڏهن پنجين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون آسمان مان ڌرتيءَ تي ڪريل هڪ تارو ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاهہ واري کڏ جي چاٻي ڏني ويئي.
2
هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ انهيءَ مان وڏي کُوري وانگر دونهون نڪرڻ لڳو. انهيءَ کڏ جي دونهين جي ڪري سج ۽ هوا ڪارا ٿي پيا.
3
انهيءَ دونهين مان ماڪڙ نڪري ڌرتيءَ تي آئي. ان کي ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري ڌرتيءَ جي وِڇُن کي آهي.
4
انهيءَ ماڪڙ کي چيو ويو تہ ” زمين جي گاهہ توڙي وڻن کي، بلڪ ڪنهن بہ ساوڪ کي نقصان نہ رسائجو. رڳو انهن ماڻهن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُهر لڳل نہ هجي.“
5
ماڪڙ کي اهو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انهن ماڻهن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مهينن تائين ايذاءَ ڏيندي رهي. ان جو ايذاءُ اهڙو هو جهڙو وِڇُونءَ جو ماڻهن کي ڏنگڻ.
6
انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو.
7
اها ماڪڙ ائين نظر اچي رهي هئي، جيئن جنگ لاءِ تيار ڪيل گھوڙا. ان ماڪڙ جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جهڙا تاج هئا ۽ انهيءَ جا منهن انسانن جهڙا هئا.
8
انهيءَ کي عورتن جي وارن جهڙا وار هئا ۽ ڏند شينهن جي ڏندن جهڙا هئس.
9
انهيءَ جي ڇاتي لوهي سينابند جهڙي هئي ۽ ان جي پرن جي آواز مان ائين پئي لڳو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاهي پيا هجن.
10
انهيءَ جا پڇ وِڇن جهڙا هئا، جن تي ڏنگ لڳل هئا. انهن ڏنگن ۾ ماڻهن کي پنجن مهينن تائين ايذاءَ رسائڻ جي طاقت هئي.
11
انهيءَ ماڪڙ جو بادشاهہ اوڙاهہ وارو ملائڪ هو، جنهن جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آهي، جن جي معنيٰ آهي ”ناس ڪندڙ.“
12
ائين پهرين مصيبت گذري ويئي، پر ياد رکو، اڃا ٻہ ٻيون مصيبتون باقي اچڻيون آهن.
13
جڏهن ڇهين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون هڪڙو آواز ٻڌو. اهو آواز انهيءَ سوني لوباندان جي چئني ڪنڊن تي لڳل سڱن مان اچي رهيو هو، جيڪو خدا جي اڳيان رکيل هو.
14
ان آواز انهيءَ ڇهين ملائڪ کي چيو تہ ”جيڪي چار ملائڪ وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“
15
پوءِ انهن چئني ملائڪن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اهي ملائڪ ان خاص مهل، ڏينهن، مهيني ۽ سال جي لاءِ تيار بيٺا هئا.
16
ان وقت مون اهو ٻڌو تہ انهن ملائڪن جي لشڪر ۾ گھوڙي سوارن جو تعداد ويهہ ڪروڙ آهي.
17
مون رويا ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي سينابندن جو رنگ باهہ وانگر ڳاڙهو، نيرو ۽ گندرف جهڙو پيلو هو. انهن گھوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا ۽ سندن وات مان باهہ، دونهون ۽ گندرف پئي نڪتو.
18
اهي ٽيئي آفتون يعني باهہ، دونهون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي وات مان پئي نڪتيون، تن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏيو.
19
انهن گھوڙن جو زور نہ رڳو سندن واتن ۾، بلڪ سندن پڇن ۾ بہ هو، ڇاڪاڻ تہ انهن جا پڇ نانگن جهڙا هئا. انهن پڇن ۾ سسيون هيون، جن سان ماڻهن کي ايذاءَ ٿي ڏنائون.
20
جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.
21
انهيءَ سان گڏوگڏ هنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبهہ نہ ڪئي.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22