bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Revelation 17
Revelation 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 18 →
1
پوءِ انهن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا هئا، هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي، يعني انهيءَ وڏي شهر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آهي.
2
انهيءَ سان ڌرتيءَ جي بادشاهن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“
3
پوءِ اهو ملائڪ مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو بدن ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هئس.
4
انهيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سون، هيرن جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. انهيءَ کي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو هو، جيڪو سندس زناڪاريءَ جي گندگيءَ ۽ ڪراهت وارين شين سان ڀريل هو.
5
انهيءَ عورت جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، ڪسبياڻين ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماءُ،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.
6
مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.
7
تنهن تي انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آءٌ تو کي انهيءَ عورت ۽ انهيءَ ستن مٿن ۽ ڏهن سڱن واري حيوان جنهن تي هوءَ سوار آهي، تن ٻنهي جو ڳجھہ بيان ڪري ٻڌائيندس.
8
اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. زمين جا اهي رهاڪو جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.
9
انهيءَ ڳجھہ کي سمجھڻ لاءِ ڏاهپ گھرجي. اهي ست مٿا ست جبل آهن، جن تي اها عورت ويٺي آهي. اهي ست بادشاهہ بہ آهن.
10
انهن مان پنج ڪري پيا آهن، هڪڙو موجود آهي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونهي ۽ جڏهن اهو ايندو تہ کيس رڳو ٿوري وقت تائين بادشاهہ رهڻو آهي.
11
جيڪو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي، سو اٺون بادشاهہ آهي ۽ انهن ستن مان ئي هڪ آهي. هو پڻ برباد ڪيو ويندو.
12
جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اهي ڏهہ بادشاهہ آهن، جن کي اڃا تائين بادشاهي ڪانہ ملي آهي. پر انهيءَ حيوان سان گڏ کين هڪڙي ڪلاڪ لاءِ بادشاهن جهڙو اختيار ملندو.
13
انهن ڏهن ئي جي هڪڙي راءِ هوندي ۽ اهي پنهنجي طاقت ۽ اختيار انهيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا.
14
اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن غالب پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“
15
پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.
16
جيڪو حيوان ۽ سندس ڏهہ سڱ تو ڏٺا، سي انهيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا. اهي کيس لُٽي ڦري اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.
17
انهيءَ لاءِ جو خدا انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ بادشاهہ سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين بادشاهي ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.
18
اها عورت جيڪا تو ڏٺي سا اهو وڏو شهر آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪمراني ٿو ڪري.“
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22