bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Revelation 7
Revelation 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 8 →
1
انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن زمين ، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.
2
پوءِ مون هڪڙي ٻئي ملائڪ کي اوڀر کان مٿي ايندي ڏٺو، جنهن وٽ زندہ خدا جي مُهر هئي. جن چئن ملائڪن کي هوائن تي اختيار ڏنو ويو هو تہ جيئن اهي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انهيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ
3
”جيستائين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن جي پيشانين تي مُهر نہ هڻون، تيستائين اوهين نہ زمين، نڪي سمنڊ ۽ نہ وري وڻن کي نقصان رسائجو.“
4
مون ٻڌو تہ جن کي مُهر هنئي ويئي، تن جو تعداد هڪ لک چوئيتاليهہ هزار هو. اهي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن مان هئا، يعني
5
يهوداہ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي، روبن جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، جد جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
6
آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
7
شمعون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، لاويءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، اِسڪار جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،
8
زبولون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، يوسف جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، ۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي.
9
انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.
10
اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو تخت تي ويٺل اسان جي خدا جي طرفان ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“
11
سڀيئي ملائڪ ان تخت، انهن بزرگن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري
12
چوڻ لڳا تہ ” آمين. اسان جي خدا جي واکاڻ، عظمت، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“
13
انهن بزرگن مان هڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي اڇو جبو پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا آهن؟“
14
مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.
15
انهيءَ ڪري هي خدا جي تخت جي اڳيان آهن ۽ سندس هيڪل ۾ رات ڏينهن سندس عبادت پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو ٿو رهي.
16
انهن کي وري ڪڏهن بہ بک يا اڃ نہ لڳندي ۽ نہ وري کين اُس يا گرمي ستائيندي.
17
اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِحيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22