bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Revelation 14
Revelation 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 15 →
1
پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي.
2
ان وقت مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو. اهو آواز اهڙو بہ هو جو ڄڻ تہ ستارَ وارن ستارَ پئي وڄايا.
3
اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي اڳيان بيهي هڪ نئون گيت ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي دنيا مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو گيت سکي ٿي سگھيا.
4
اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پاڪ رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.
5
انهن جي واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اهي بيعيب آهن.
6
تنهن کان پوءِ مون هڪڙو ملائڪ مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ دائمي خوشخبري هئي.
7
هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا جو خوف رکندي سندس تعظيم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي عبادت ڪريو، جنهن آسمان، زمين ، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“
8
هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي.“
9
انهن ٻنهي ملائڪن جي پٺيان هڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪي ماڻهو انهيءَ حيوان ۽ سندس بت کي سجدو ڪن ٿا ۽ پنهنجي پيشانيءَ يا هٿ تي سندس نشان هڻائين ٿا،
10
تن کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي غضب جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.
11
انهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت کي سجدو ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“
12
مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ عيسيٰ تي ايمان ٿا رکن.
13
پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي خداوند عيسيٰ جا ٿي ٿا مرن.‘“ پاڪ روح چوي ٿو تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“
14
پوءِ مون نهاريو تہ هڪ اڇو ڪڪر آهي ۽ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ڪڪر تي انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ويٺل آهي! هن جي مٿي تي سونو تاج هو ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو هئس.
15
ايتري ۾ هڪڙو ملائڪ آسماني هيڪل مان نڪري آيو ۽ ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنهنجو ڏاٽو هلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“
16
تنهن تي ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص پنهنجو ڏاٽو ڌرتيءَ تي ڦيرايو تہ فصل لڻجي ويو.
17
ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو ملائڪ آسماني هيڪل مان نڪتو، جنهن جي هٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو هو.
18
پوءِ هڪڙو ٽيون ملائڪ بہ آيو جيڪو قربانگاهہ مان نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو. هن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪر، ڇاڪاڻ تہ انگور پچي بلڪل راس ٿي ويا آهن.“
19
انهيءَ ملائڪ پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو خدا جي غضب جو حوض آهي.
20
شهر کان ٻاهر انهيءَ حوض ۾ انگور پيڙيا ويا تہ انهن مان رت نڪتو، جيڪو ايترو تہ هو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ ٽي سؤ ڪلوميٽرن تائين وهي هليو.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22