bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Zechariah 11
Zechariah 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 12 →
1
اي لبنان! تون پنهنجيون سرحدون کولي ڇڏ، تہ جيئن باهہ تنهنجي ديال جي وڻن کي هڙپ ڪري وڃي.
2
اي صنوبر جا وڻ! تون بہ پنهنجو منهن مٿو پٽ، ڇو تہ ديال جا ٺاهوڪا وڻ تباهہ ٿي ويا آهن، ۽ وڏي شان وارن جو شان مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي. هائو، اي بسن وارا شاهہبلوط جا وڻ! تون بہ واءِويلا ڪر، ڇو تہ گھاٽا ٻيلا پٽ پڌر ٿي ويا آهن.
3
ظالم حڪمرانن جي روڄ راڙي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ تہ سندن شان وَ شوڪت تباهہ ٿي ويو آهي. هائو، انهن شينهن جي ڏک ڀريو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ تہ اردن جي جن ٻيلن تي هو فخر ڪندا هئا، سي ناس ٿي ويا آهن.
4
خداوند منهنجي خدا مون کي فرمايو تہ ”اي زڪرياہ! تون ڪسڻ واري ڌڻ کي هڪ ريڍار وانگر چار.
5
انهن ڌڻن جا خريدار انهن کي ڪهن ٿا پر کين ڪابہ سزا ڪانہ ٿي ملي. هوڏانهن انهن ڌڻن کي وڪرو ڪندڙ ريڍار چون ٿا تہ ’ خداوند جو شڪر آهي جو اسين دولتمند ٿي ويا آهيون.‘ ائين انهن ڌڻن جا پنهنجا ريڍار بہ مٿن ترس نہ ٿا کائين.
6
اي زڪرياہ! مون انهيءَ ڪري تو کي اهو ڌڻ چارڻ لاءِ چيو جو آءٌ خداوند هن ملڪ جي سڀني ماڻهن تي انهيءَ ڪسڻ واري ڌڻ وانگر ڪوبہ رحم نہ ڪندس. ڏس، آءٌ هر ڪنهن کي سندس همقوم حڪمران جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو انهن تي ظلم ڪندو. آءٌ انهن کي سندس هٿان نہ ڇڏائيندس.“
7
سو آءٌ انهيءَ ڌڻ کي رڍن جي واپارين لاءِ چارڻ لڳس، جيڪو ڪوس لاءِ مقرر هو. تڏهن مون ٻہ لٺيون کنيون جن مان هڪڙيءَ کي ”مهرباني“ ۽ ٻيءَ کي ”اتحاد“ سڏيم. اهڙيءَ طرح آءٌ ڌڻ کي چارڻ لڳس.
8
هڪڙي ئي مهيني ۾ مون ٽن ريڍارن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کان نفرت ٿي ڪئي، آءٌ بہ انهن مان بيزار ٿي پيس.
9
آءٌ ڌڻ مان بہ بيزار ٿي پيس ۽ ان کي چيم تہ ”آءٌ هاڻ وڌيڪ تنهنجو ريڍار نہ ٿيندس. جيڪو مري ٿو سو ڀلي مري ۽ جيڪو ناس ٿو ٿئي سو ڀلي تہ ناس ٿئي. باقي جيڪي بچي وڃن سي ڀلي تہ هڪٻئي جون ٻوٽيون کائين.“
10
پوءِ مون اها لٺ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”مهرباني“ هو، ڄڻ تہ ان عهد کي منسوخ ڪري ڇڏيم جيڪو خداوند قومن سان ڪيو هو.
11
سو اهو عهد ان ڏينهن تي ئي منسوخ ٿي ويو. تڏهن رڍن جي واپارين اهو سڀ ڏسي سمجھي ورتو تہ هي خداوند جو پيغام آهي.
12
مون کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين بهتر سمجھو ٿا تہ مون کي منهنجي مزدوري ڏيو، نہ تہ ٺهيو.“ سو هنن مون کي مزدوريءَ طور جيڪا چاندي توري ڏني سا رڳو ٽيهہ سڪا هئي.
13
تڏهن خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ ”اهي سڪا ڪنڀر جي اڳيان ڦٽو ڪري ڇڏ.“ سو چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا، جيڪي هنن مون کي منهنجي پوري مهيني جي مزدوريءَ لاءِ هڪ وڏي رقم سمجھي ڏني هئي، سا مون خداوند جي گھر ۾ ڪنڀر جي اڳيان ڦٽو ڪري ڇڏي.
14
تڏهن مون پنهنجي ٻي لٺ بہ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”اتحاد“ هو. ائين ڪرڻ سان ڄڻ مون يهوداہ وارن ۽ اسرائيل وارن جي برادريءَ کي ٽوڙي ڇڏيو.
15
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون هاڻي وري ريڍارن وارو سامان پاڻ سان کڻ. هن دفعي تون بيوقوف ريڍار ٿيندين.
16
ڏس، آءٌ پنهنجي قوم جي سار سنڀال لاءِ هڪ اڳواڻ کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو اهڙي ريڍار وانگر هوندو جيڪو نہ ناس ٿي ويل رڍن جي ڪا خبرچار لهي ٿو، نہ ڪڻو ڪڻو ٿي ويلن جي ڳولا ٿو ڪري، نڪي زخمين جو علاج ٿو ڪري ۽ نہ وري صحتمندن جي پرورش ٿو ڪري، بلڪ هو رڳو ٿلهين متارين رڍن جو گوشت ٿو کائي ۽ انهن جا کُر ڇني ٿو اڇلائي.
17
ويل آهي انهيءَ نالائق ريڍار لاءِ! جيڪو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي. هن جي ٻانهن سڪي ويندي، ۽ سندس ساڄي اک صفا انڌي ٿي پوندي. هائو، ويل آهي انهيءَ نالائق حڪمران لاءِ! جنگ ۾ سندس طاقت بلڪل ختم ٿيندي.“
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14