bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Zechariah 7
Zechariah 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 8 →
1
دارا بادشاهہ جي شهنشاهيءَ جي چوٿين سال، ڪِسليوِ نالي نائين مهيني جي چوٿين تاريخ تي خداوند جو فرمان مون زڪرياہ تي نازل ٿيو.
2
ان کان اڳ بيتايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجمملخ کي سندن ماڻهن سميت موڪليو هو تہ هو اچي خداوند جي هيڪل ۾ دعا گھرن
3
۽ ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن تہ ”ڇا اسين پنجين مهيني ۾ روزو رکي اڃا بہ هيڪل جي تباهيءَ جو سوڳ ڪريون، جيئن هر سال ڪندا آيا آهيون؟“
4
تڏهن قادرمطلق خداوند مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو تہ جيئن آءٌ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي سندس اهو فرمان وڃي ٻڌايان تہ ”جڏهن اوهان پنجين توڙي ستين مهيني ۾ ستر سالن تائين روزا رکيا ۽ رنا رڙيا تہ ڇا اهو سڀ ڪجھہ اوهان خاص منهنجي خاطر ڪيو؟
6
وري جڏهن اوهان کاڌو پيتو پئي تہ ڇا اهو سڀ پنهنجن مزن ماڻڻ لاءِ نہ پئي ڪيوَ؟
7
سو اوهان لاءِ منهنجو اهو ساڳيو ئي پيغام آهي جيڪو مون پنهنجي نبين جي ذريعي موڪليو هو، جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ خوشحال هو ۽ سندس چوڌاري شهر توڙي ڏکڻ ۽ اولهہ وارا هيٺاهان هنڌ آباد هئا.
8
اهو ئي پيغام آءٌ قادرمطلق خداوند وري اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ’سچائيءَ سان انصاف ڪندا رهو ۽ هڪٻئي تي رحم ۽ قياس ڪريو.
10
اوهين رنزال، يتيم ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارئي، يعني جيڪو بہ مسڪين هجي، تنهن تي ظلم نہ ڪريو، نڪي دل ۾ هڪٻئي خلاف برائي سوچو.‘
11
اهو ئي پيغام هو جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. هنن هٺ ڪري مون کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهہ وجھي ڇڏيائون.
12
هنن پنهنجيون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪري ڇڏيون ۽ شريعت ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنائون ۽ نہ وري انهيءَ فرمان کي مڃيائون، جيڪو مون قادرمطلق خداوند اڳين نبين جي معرفت پنهنجي روح وسيلي نازل ڪيو هو. انهيءَ ڪري مون وٽان مٿن سخت قهر اچي نازل ٿيو.
13
تڏهن مون قادرمطلق خداوند کين چيو تہ ’جڏهن مون اوهان کي سڏيو تہ اوهان نہ ٻڌو، سو جڏهن اوهان مون کي سڏيندا تہ آءٌ بہ اوهان جو سڏ نہ ورنائيندس.‘
14
انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
Recommended Reading
Commentary
Zechariah Commentaries
→
Devotional
Zechariah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→